Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 28:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن ايماندار ماڻهو فتحياب ٿين ٿا، تڏهن قوم جي شان وَ شوڪت وڌي ٿي. مگر جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 جڏهن سچا فتحياب ٿين ٿا تڏهن ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، پر جڏهن شرير اُٿن ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 28:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجا سائين! اوهان نہ ٻڌو آهي ڇا تہ جڏهن ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي تہ مون ڇا ڪيو هو؟ مون خداوند جي هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا ۽ اتي مون کين کاڌو پيتو پهچايو هو.


الياس ڊڄي ويو ۽ پنهنجي جان بچائڻ خاطر اُٿي ڀڳو. جڏهن هو يهوداہ واري بيرسبع شهر ۾ آيو تڏهن پنهنجي ماڻهوءَ کي اتي ڇڏي ڏنائين،


ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن يعني ستين مهيني جي ٽيويهين تاريخ تي سليمان بادشاهہ ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن واپس موڪليو. هو انهن برڪتن تي ڏاڍا خوش ۽ سرها هئا، جيڪي خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل، دائود ۽ سليمان کي عطا ڪيون هيون.


سچارن جي خوشحاليءَ تي پورو شهر خوش ٿو ٿئي، جڏهن تہ بدڪارن جي موت تي خوشيون ملهايون ٿيون وڃن.


جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن. مگر جڏهن بدڪارن کان سچار حڪمراني کسي ٿا وٺن، تڏهن سچار ماڻهن ۾ واڌارو اچيو وڃي.


جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري.


اها قوم ڪيڏي نہ مصيبت ۾ آهي، جنهن جو حڪمران غلاميءَ مان بادشاهہ بڻيو هجي! ۽ جنهن جا اڳواڻ سڄو ڏينهن پيا کائيندا پيئندا وتن.


پوءِ عملدارن باروڪ کي چيو تہ ”تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو ۽ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ اوهين ڪٿي آهيو.“


اٽلندو بادشاهہ پنهنجي شهزادي يرحمئيل ۽ شراياہ ولد عزري ايل ۽ سلمياہ ولد عبدي ايل نالي عملدارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ کي گرفتار ڪري اچو.“ پر خداوند اسان کي لڪائي ڇڏيو هو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.


سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ