سچار ماڻهو ڀل مون کي جھڻڪن بلڪ کڻي مار بہ ڏين، اها آءٌ سندن مهرباني سمجھندس. پر بڇڙن سان واسطو رکڻ سان توڙي جو وڏو مان ملي، سو بہ مون کي قبول ناهي. اٽلندو انهن جي بڇڙاين خلاف آءٌ دعا گھرندو رهندس.
اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تنهنجي چمين ۾ ڪيڏو نہ مٺاڻ آهي. تو سان ڀاڪر پائڻ ۾ مئي کان وڌ سُرور ملي ٿو. تنهنجي بدن جي خوشبوءِ هر قسم جي خوشبوئن کان اعليٰ آهي.