Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 27:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پنهنجي وطن کان دور ماڻهو ائين آهي، جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري کان ڀٽڪي ويو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري مان نڪري رلڻ وڃي ٿو، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي جاءِ تان نڪري رُلڻ ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 27:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ابراهيم هاجرہ جي ڪلهي تي ماني ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ مشڪ رکي کيس ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيو. هوءَ اتان هلي ويئي ۽ بيرسبع جي رڻ‌پٽ ۾ رلندي رهي.


سو قابيل خداوند جي حضوريءَ مان نڪري ويو ۽ نود نالي علائقي ۾ وڃي رهيو جيڪو عدن جي اوڀر پاسي هو.


تڏهن فرعون کانئس پڇيو تہ ”هتي تو کي ڪهڙي شيءِ جي ڪمي آهي جو تون پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو گھرين؟“ هدد وراڻيو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ، پر تڏهن بہ مون کي موڪل ڏيو.“


اتي هو هڪڙي غار ۾ گھڙي ويو ۽ رات اتي ئي گذاريائين. تڏهن اوچتو خداوند ساڻس ڳالهايو تہ ”اي الياس! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“


جيڪو انسان ڏاهپ واري رستي کان ڀٽڪي ٿو وڃي، سو موت جي منهن ۾ وڃيو پوي.


جنهن پٽ پاراتي جا اوهين مستحق ناهيو، سا انهيءَ پکي جيان آهي جيڪو رڳو هوا ۾ اڏامي ٿو پر هيٺ لهي اچي نقصان نہ ٿو پهچائي.


ڍاول ماڻهوءَ کي ماکيءَ مان بہ سواد نہ ٿو اچي، مگر بکايل ماڻهوءَ کي بصر بہ مٺو ٿو لڳي.


کيس اهو بہ چوائي موڪل تہ ”موآب جون عورتون برساتي نهر ارنون جي گھاٽن تي ملڪ کان ڀڄڻ لاءِ ائين پيون ڦرنديون وتن، جيئن پکي پنهنجن آکيرن مان اٿاريا ويا هجن.


پر يونس اٿيو ۽ خداوند کان پري ڀڄي وڃڻ لاءِ ٻئي طرف واري شهر ترسيس ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. هو يافا بندر تي پهتو ۽ اُتي هڪ سامونڊي جهاز ڏٺائين جيڪو ترسيس ڏانهن وڃڻ وارو هو. هو ڀاڙو ڏيئي ان ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کان ڀڄي جهاز وارن سان گڏ ترسيس ڏانهن هليو وڃي.


خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ سڏيو آهي، سو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي.


اِهي سمنڊ جون بي‌قابو ڇوليون آهن، جيڪي پنهنجي بي‌شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. هو آسمان جا ڀٽڪندڙ تارا آهن، جن لاءِ هميشہ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي.


پوءِ جاد نبيءَ اچي دائود کي چيو تہ ”انهيءَ پهاڙي غار ۾ نہ رهہ، بلڪ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ڏانهن وڃ.“ تڏهن دائود اتان روانو ٿيو ۽ حارت جي ٻيلي ۾ اچي پهتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ