Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 27:21 - Muslim Sindhi Bible

21 چاندي توڙي سون باهہ ۾ پرکي سگھجن ٿا، مگر انسان جي پرک انهيءَ ۾ آهي تہ سندس تعريف ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 بوتو چانديءَ لاءِ آهي، ۽ کورو سون لاءِ، ۽ ماڻهو سندس تعريف سان پرکبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 27:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڄي بني اسرائيل ۾ ابي‌سلوم جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو خوبصورتيءَ جي لحاظ کان تعريف جوڳو ڪونہ هو. پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ هو.


يقيناً چاندي کاڻ مان کوٽي ڪڍي وڃي ٿي، ۽ سون لاءِ بہ ڪا جاءِ آهي جتي ان کي صاف ڪيو وڃي ٿو.


خداوند جا جيڪي بہ قول آهن سي سڀ خالص آهن. اهي باهہ ۾ تپايل انهيءَ چانديءَ جيان آهن، جيڪا ست ڀيرا صاف ڪيل هجي.


بيشڪ اي خدا! تو اسان کي آزمائي ڇڏيو آهي، جيئن چانديءَ کي پرکبو آهي تيئن تو اسان کي پرکيو آهي.


سون ۽ چانديءَ کي تہ باهہ جي وسيلي پرکجي ٿو، مگر انساني دلين کي پرکڻ وارو خداوند ئي آهي.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


هو سوناري وانگر ويهي ڪاهنن کي سون ۽ چانديءَ وانگر پاڪ صاف ڪندو، تہ جيئن هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور ۾ نذرانا آڻين.


مصيبت آهي اوهان لاءِ، جڏهن ماڻهو اوهان کي ساراهين ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا هئا.“


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو ايمان خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو ايمان بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو فاني سون کان گھڻو قيمتي آهي. خدا چاهي ٿو تہ اوهين عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت تعريف، شان وَ شوڪت ۽ عزت جي لائق قرار ڏنا وڃو.


اي عزيزؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.


پوءِ جڏهن بہ فلستين جا سردار نڪري اچي حملو ڪندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني سالارن کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندو هو. اهڙيءَ طرح سندس نالو تمام مشهور ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ