Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 27:18 - Muslim Sindhi Bible

18 جيڪو ڪنهن ڦلدار وڻ جي سنڀال ٿو ڪري، سو انهيءَ جو ميوو ضرور کائيندو. ساڳي نموني جيڪو نوڪر پنهنجي مالڪ جي حفاظت ٿو ڪري، سو ضرور عزت حاصل ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 جيڪو انجير جو وڻ ٿو سنڀالي سو انهي جو ميوو کائيندو، ۽ جيڪو پنهنجي ڌڻيءَ جي خدمت لاءِ تيار رهي ٿو سو مان پائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 27:18
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اشور جو شهنشاهہ اوهان کي چوي ٿو تہ ’پنهنجي شهر مان نڪري اچي مون وٽ پيش پئو. اوهان مان هر ڪنهن کي اها اجازت هوندي تہ هو ايستائين پنهنجي ئي انگورن جي ول مان انگور کائي، پنهنجي ئي انجير جي وڻ مان انجير کائي ۽ پنهنجي ئي کوهہ مان پاڻي پيئي،


پر يهوسفط پڇيو تہ ”ڇا هتي ڪو خداوند جو نبي ڪونهي جنهن جي وسيلي اسين خداوند کان پڇا ڪريون؟“ تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ يورام جي هڪڙي سالار وراڻيو تہ ”شافاط جو پٽ اليشع هتي آهي. هو الياس نبيءَ جا هٿ ڌئاريندو هو.“


تنهن بعد هو اندر اچي پنهنجي مالڪ اليشع جي اڳيان بيٺو. اليشع کانئس پڇيو تہ ”اي جيحازي! تو ڪيڏانهن ويو هئين؟“ جيحازيءَ وراڻيو تہ ”اوهان جو ٻانهو ڪيڏانهن بہ ڪين ويو هو.“


تنهنڪري نعمان واري ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ لڳندي.“ پوءِ جيحازي جڏهن وٽانئس نڪتو تہ کيس اهڙي ئي بيماري اچي لڳي ۽ سندس کل بلڪل اڇي ٿي ويئي.


سو هامان اُها پوشاڪ کڻي آيو ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي آيو. هن مردڪئيءَ کي اُها پوشاڪ پهرائي ۽ کيس گھوڙي تي ويهاري ان جي اڳيان هلندي کيس شهر جي رستن تان گھمايائين. هن سندس اڳيان هلندي هلندي پڙهو بہ پئي ڏياريو تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.“


جيئن ڪنهن غلام جون اکيون پنهنجي مالڪ جي هٿن ڏانهن نهارين ٿيون، يا جيئن ڪنهن ٻانهيءَ جون اکيون پنهنجي سانئڻ جي هٿن ڏانهن نهارين ٿيون، تيئن ئي اسان جون اکيون تو خداوند اسان جي خدا ڏانهن نهارين ٿيون، جيستائين تون اسان تي رحم نہ ڪندين.


تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اٿيا ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهڻ لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ


عقلمند نوڪر مالڪ جي انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو، جيڪو پيءُ جي خواريءَ جو باعث آهي. مالڪ پنهنجي انهيءَ نوڪر کي ملڪيت مان پٽن سان گڏ حصو ڏيندو.


مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.


جهڙيءَ طرح لوهہ لوهہ کي تکو ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح انسان هڪٻئي جي ذهن کي سکيا ڏيئي تيز ڪن ٿا.


جيئن ماڻهو آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏسي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي قول ۽ فعل تي ويچار ڪرڻ سان پنهنجي شخصيت کي ڄاڻي سگھي ٿو.


اي سليمان! تون ڀلي تہ هڪ هزار سڪا وٺ، ۽ باغ جي ميوي سنڀاليندڙن کي ڀلي تہ ٻہ سؤ سڪا وڌيڪ نفعو ملي. پر منهنجو انگورن جو باغ تہ رڳو منهنجو ئي آهي، جيڪو منهنجي اکين اڳيان آهي.


حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اشور جو شهنشاهہ اوهان کي چوي ٿو تہ ’پنهنجي شهر مان نڪري اچي مون وٽ پيش پئو. اوهان مان هر ڪنهن کي اها اجازت هوندي تہ هو ايستائين پنهنجي ئي انگورن جي ول مان انگور کائي، پنهنجي ئي انجير جي وڻ مان انجير کائي ۽ پنهنجي ئي کوهہ مان پاڻي پيئي،


پر آءٌ اوهان کي اڳ ۾ ئي اهو ٻڌائي رهيو آهيان.


سڀاڳو آهي اهو نوڪر جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي.


پر اوهان ۾ ائين نہ آهي. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو خادم ٿئي.


سڀاڳا آهن اهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ هو سندرو ٻڌي بيهندو ۽ کين کارائڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ بيهي سندن خدمت ڪندو.


خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


تنهن تي هن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر! جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار ثابت ٿيو آهين، تنهنڪري هاڻي تون ڏهن شهرن جو حاڪم آهين.‘


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


اهو چئي ملائڪ وٽائنس هليو ويو. پوءِ ڪُرنيليس پنهنجي ٻن نوڪرن ۽ هڪ ديندار سپاهيءَ کي گھرايو، جيڪو هن جو اردلي هو.


پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي آهر اجورو ملندو.


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان‌گاهہ جا خدمتگار آهن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟


ڇا ڪڏهن ڪو پنهنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آهي؟ ڇا اهڙو ڪو مالهي آهي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اهڙو ڪو ڌنار آهي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انهيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو پيئي؟


اي غلامؤ! پنهنجي دنياوي مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صاف‌دليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.


يا وري هاريءَ جو مثال وٺ، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري. انهيءَ کي سڀ کان پهريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي.


اي غلامؤ! ڏاڍي ادب سان پنهنجن مالڪن جي تابع رهو، نہ رڳو نيڪن ۽ نرم طبيعت وارن جي، بلڪ ظالمن جي بہ.


انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي خدا اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِ‌قدم تي هلندا رهو.


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ