15 جھيڙاڳل زال ائين تنگ ٿي ڪري، جيئن مينهن واري ڏينهن ڦڙ ڦڙ جو لڳاتار پوندو رهڻ.
15 مينهن واري ڏينهن ساندهہ ڦڙن جو ڪرڻ، ۽ جهيڙاڪ زال ٻئي هڪجهڙا آهن.
جيئن پاڻي پٿرن کي گسايو ڇڏي، ۽ ٻوڏ زمين جي مٽيءَ کي لوڙهيو ڇڏي، تهڙيءَ طرح تون انسان جي اميد کي ناس ڪري ڇڏين ٿو.
بيوقوف اولاد والدين لاءِ مصيبت آهي، ۽ جھيڙاڪ زال سياري جي برسات جي جھَڪ مثل آهي.
جھڳڙيلو ۽ چيڙاڪ زال سان گڏ رهڻ کان رڻپٽ ۾ وڃي رهڻ بهتر آهي.
جھڳڙيلو زال سان گڏ گھر ۾ رهڻ کان اهو بهتر آهي، تہ ماڻهو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي گذاري.
اهڙيءَ زال کي خاموش ڪرائڻ ايترو مشڪل آهي جيترو هوا کي جھلي بيهڻ، يا زيتون جي تيل کي مٺ ۾ بند ڪرڻ.