هو ئي تہ اسان جو خدا آهي. اسين سندس رڍن جي ڌڻ مثل آهيون، جن جي هو پنهنجي چراگاهہ ۾ سار سنڀال لهي ٿو. هاڻي اڄوڪي ڏينهن اوهين پنهنجو ڪن ڏيئي خدا جو هي پيغام ٻڌو تہ
تنهن کان سواءِ خداوند بني اسرائيل کي بہ تو سان گڏ فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو ۽ سڀاڻي تون ۽ تنهنجا پٽ مون سان گڏ قبرستان ۾ هوندا. خداوند بني اسرائيل جو لشڪر بہ فلستين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“