8 ڪنهن بيعقل جي تعريف ڪرڻ کنڀاڻيءَ ۾ پٿر ٻڌڻ برابر آهي.
8 جيئن جواهرن جي ڳوٿري پهڻن جي ڍڳ ۾، تيئن اهو ماڻهو آهي جو ڪنهن بي عقل کي عزت ٿو ڏئي.
جيڪڏهن بيوقوف کي سکي زندگي گذارڻ نہ ٿي سونهين، تہ ڇا ڪنهن غلام کي بادشاهہ جي جاءِ تي حڪمراني ڪرڻ سونهين ٿي؟
جيئن اونهاري ۾ برفباري، ۽ لاباري جي موسم ۾ برسات نہ ٿي سونهين، تيئن ئي بيوقوف ماڻهوءَ کي عزت نہ ٿي سونهين.
جيئن ڪنهن منڊي جون ٽنگون پنڌ ڪرڻ جي لائق نہ آهن، تيئن ئي بيوقوف جي زبان تان ڪنهن ڏاهي جي چوڻي نہ ٿي سونهي.
بيوقوف ڏاهپ جي چوڻي ائين استعمال ٿا ڪن، جيئن ڪو شرابي ڪنڊن وارو ڏنڊو ڦيرائيندو هجي.
غلام، جيڪو بادشاهہ بڻجيو وڃي، بيعقل، جيڪو چاهي سو ٿي وڃي،