Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 26:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن بي‌وقوف بي‌وقوفيءَ جي ڳالهہ ڪري تہ کيس ڪو جواب نہ ڏيو، متان اوهين بہ انهيءَ وانگر ٿي پئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 بي عقل کي سندس بيعقليءَ موجب جواب نہ ڏي، تہ متان تون بہ انهيءَ جهڙو ٿي پوين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 26:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان لڳي هنن کي چيو تہ ”منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي پر آءٌ انهيءَ کي اڃا بہ وڌيڪ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.“


جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ”دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا.


جھيڙي جي شروعات ائين آهي، جيئن ڪنهن درياءَ ۾ روڻ پئجي وڃي. تنهنڪري جھڳڙي ٿيڻ کان اڳ ئي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.


بي‌وقوفن آڏو ڏاهپ واريون ڳالهيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جو ڪو قدر نہ ڪندا.


ڪنهن بہ بي‌وقوف کي اهڙو جواب ڏيو جو هو محسوس ڪري تہ هو ڪيترو نہ بي‌عقل آهي، تڏهن هو پاڻ کي ڏاهو ڪين سمجھندو.


جيڪڏهن ڪو عقلمند ڪنهن بي‌وقوف سان بحث ٿو ڪري، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کِلي، مگر کيس سڪون ڪونہ ملندو.


پر ماڻهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪڇيائون، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ حزقياہ کين اهو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ هن کي ڪوبہ جواب نہ ڏنو وڃي.


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


اهڙي جرئت تہ ملائڪن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو ابليس تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن ابليس کي رڳو ايترو چيو تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ