Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 26:25 - Muslim Sindhi Bible

25 سو انهيءَ جي مٺڙين ڳالهين تي اعتبار نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس دل نفرت سان ٽمٽار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 جڏهن هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو، تڏهن هن تي ويساهہ نہ ڪر، ڇالاءِ جو هن جي دل ۾ ست نفرتون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 26:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سنبلط ۽ جشم مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اچ تہ اونو جي ميدان واري فلاڻي ڳوٺ ۾ ملاقات ڪريون.“ پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو.


هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا.


مون کي انهن بدڪارن ۽ بڇڙن سان گڏ نہ گهلجانءِ، جيڪي مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون تہ ڪن ٿا، پر انهن جي دلين ۾ دغا آهي.


انهيءَ سبب جو اهڙي قسم جا ماڻهو اها ڳالهہ ڌيان ۾ رکندا آهن تہ ڪيترو گھڻو کاڌو ويو. هو زبان سان تہ چوندا آهن تہ ”کائو، جيترو وڻيوَ کائو پيئو.“ پر هو ائين چاهيندا نہ آهن.


دل ۾ نفرت رکندي زبان سان مٺڙيون ڳالهيون ڪرڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن ڪچي ٺڪر جي ٿانوَ تي عمدو رنگ ڪيو ويو هجي.


سو تون ان شڪايت کي ڇڏ ۽ پنهنجي مائٽن ڏانهن نهار، جيڪي تنهنجي ابي جو اولاد آهن تن بہ تو سان دغا ڪئي آهي. انهن بہ تنهنجي خلاف وڏيون دانهون ڪيون آهن. سو انهن تي اعتبار نہ ڪر، توڙي جو هو تو سان مٺو ٿا ڳالهائين.“


سو اي بني اسرائيل! اوهين ڪنهن تي بہ اعتبار نہ ڪريو، توڙي جو اهو اوهان جو بهترين دوست ئي ڇو نہ هجي. اوهين هر ڳالهہ بيحد احتياط سان ڪريو، توڙي جو پنهنجي پياري زال سان ئي ڇو نہ ڳالهايو.


ان وقت جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ’ڏسو، مسيح هيڏانهن آهي،‘ يا چوي تہ ’مسيح هوڏانهن آهي،‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو،


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ