Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 26:24 - Muslim Sindhi Bible

24 نفرت رکندڙ ماڻهو پنهنجي مٺڙين ڳالهين سان ڪيني کي لڪائي ٿو، مگر دل ۾ هو بڇڙائيءَ وارا منصوبا ٿو جوڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جيڪو دشمني ٿو رکي سو پنهنجن چپن سان ڍونگ ڪري ٿو، مگر پنهنجي اندر ۾ دغا رکي ٿو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 26:24
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب جي پٽن، سڪم ۽ سندس پيءُ حمور کي دغابازيءَ سان جواب ڏنو، ڇو تہ سڪم سندن ڀيڻ ديناہ جي آبرو لُٽي هئي.


تڏهن ابي‌سلوم چيس تہ ”ڀلا جي ائين نہ، تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ منهنجي ڀاءُ امنون کي تہ اسان سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏي.“ تنهن تي بادشاهہ پڇيس تہ ”هو تو سان گڏ ڇو هلي؟“


پر ابي‌سلوم کيس اهڙو تہ زور ڀريو جو هن امنون ۽ ٻين سڀني شهزادن کي بہ ساڻس گڏ وڃڻ ڏنو.


يوآب عماسا کي چيو تہ ”اي منهنجا ڀاءُ! تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟“ پوءِ يوآب عماسا کي ساڄي هٿ سان ڏاڙهيءَ کان جھلي کيس چمي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو.


تڏهن سنبلط ۽ جشم مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اچ تہ اونو جي ميدان واري فلاڻي ڳوٺ ۾ ملاقات ڪريون.“ پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو.


اي خداوند! جيڪي بہ چاپلوس آهن تن جا چپ وڍي ڇڏ. جيڪي وڏي لٻاڙ هڻن ٿا تن جي زبان وڍي ڇڏ.


مون کي انهن بدڪارن ۽ بڇڙن سان گڏ نہ گهلجانءِ، جيڪي مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون تہ ڪن ٿا، پر انهن جي دلين ۾ دغا آهي.


جيڪي بہ منهنجي عيادت لاءِ اچن ٿا، سي رياڪاريءَ واريون ڳالهيون ٿا ڪن. هو پنهنجيءَ دل ۾ بدنيتيءَ واريون ڳالهيون رٿي ٻاهر وڃي اهي ماڻهن کي ٻڌائين ٿا.


جيڪو پنهنجي نفرت کي لڪائي ٿو، سو ڪوڙو ماڻهو آهي، ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بي‌وقوف آهي.


ماپ تور ۾ بي‌ايمانيءَ کان خداوند کي نفرت آهي، مگر صحيح تور کي هو پسند ٿو فرمائي.


سچ ڳالهائڻ سان عدالت ۾ انصاف ٿو ٿئي، مگر ڪوڙي شاهدي ناانصافيءَ ڏانهن وٺيو وڃي.


بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙيندڙ جي دل ۾ ٺڳي ٿي رهي، مگر نيڪ صلاحون ڏيندڙ خوشيون ٿا حاصل ڪن.


ايماندار ماڻهوءَ جو ارادو ٻين جي لاءِ نيڪ هوندو آهي، مگر بدڪار ماڻهو ٻين جي لاءِ برو سوچيندو آهي.


عقلمند ماڻهو پنهنجي سمجھہ سان صحيح راهہ تي هلي ٿو، مگر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي نادانيءَ سان پاڻ کي دوکو ٿو رسائي.


انهيءَ سبب جو اهڙي قسم جا ماڻهو اها ڳالهہ ڌيان ۾ رکندا آهن تہ ڪيترو گھڻو کاڌو ويو. هو زبان سان تہ چوندا آهن تہ ”کائو، جيترو وڻيوَ کائو پيئو.“ پر هو ائين چاهيندا نہ آهن.


ياد رکو، پنهنجن دوستن کان خبردار رهو، پنهنجن ڀائرن تي بہ اعتبار نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ ڀاءُ ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري ۽ دوست دوست جي گلا ٿو ڪري.


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ