Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 26:21 - Muslim Sindhi Bible

21 جيئن ٽانڊن لاءِ ڪوئلا ۽ باهہ لاءِ ڪاٺيون آهن، تيئن ئي جھڳڙالو ماڻهو جھڳڙي کي وڌائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 جيئن اڱر ٽانڊن لاءِ، ۽ ڪاٺيون باهہ لاءِ، تيئن جهيڙاڪ ماڻهو جهيڙي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 26:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“


پوءِ جڏهن اتر وارن ڏهن قبيلن ٻڌو تہ يربعام مصر مان موٽي آيو آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي انهيءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس پنهنجو بادشاهہ بڻايائون. دائود جي گھراڻي سان رڳو سندن قبيلو يهوداہ ئي وفادار رهيو.


توهان کي بهادر ماڻهو تکا تير هڻندا، جيڪي توهان کي ٻٻر جي ڀڙڪندڙ ٽانڊن جيان اچي لڳندا.


نفرت جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿي ڪري، مگر محبت سڀني خطائن کي ڍڪي ٿي ڇڏي.


جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.


جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، هائو، غصيلو انسان گناهن مٿان گناهہ ڪريو وجھي.


جيڪڏهن کير ولوڙيو ويندو تہ مکڻ حاصل ٿيندو، جيڪڏهن نڪ مروڙيو ويندو تہ انهيءَ مان رت نڪرندو. ساڳي نموني غصو ڀڙڪائڻ سان جھيڙو فساد ئي پيدا ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ