Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 25:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ڪنهن تي تڙ تڪڙ ۾ الزام هڻي دعويٰ داخل ڪرڻ کان اڳ، پڪ ڪريو تہ اوهين حق تي آهيو، نہ تہ اوهين پنهنجو مقدمو هارائيندا ۽ پشيمان ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڪڙ ڪري وڙهڻ لاءِ نہ وڃ، متان جڏهن تنهنجو پاڙيسري توکي شرمندو ڪري، تڏهن توکي خبر نہ پوي تہ پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 25:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابنير يوآب کي سڏي چيو تہ ”ڇا تلوار هميشہ تائين پيئي ڪُهندي رهي؟ ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ انهيءَ جو انجام تلخي ئي نڪرندو؟ پوءِ ڪيستائين تون ماڻهن کي منع نہ ڪندين تہ هو پنهنجن ڀائرن جو پيڇو ڪرڻ ڇڏي ڏين؟“


ان کان پوءِ هن حڪم ڏنو تہ ”هن جيئري ٻار کي ٻہ ٽڪر ڪري اڌ هڪڙيءَ کي ڏيو ۽ اڌ ٻيءَ کي.“


ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي.


جھيڙي جي شروعات ائين آهي، جيئن ڪنهن درياءَ ۾ روڻ پئجي وڃي. تنهنڪري جھڳڙي ٿيڻ کان اڳ ئي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.


بي‌عقل جي ڳالهائڻ مان فتنو فساد ٿو ڦهلجي، ڄڻ تہ هو پنهنجو پاڻ مار گھري ٿو وٺي.


جيڪڏهن کير ولوڙيو ويندو تہ مکڻ حاصل ٿيندو، جيڪڏهن نڪ مروڙيو ويندو تہ انهيءَ مان رت نڪرندو. ساڳي نموني غصو ڀڙڪائڻ سان جھيڙو فساد ئي پيدا ٿيندو.


پنهنجيءَ ڪاوڙ تي ضابطو رکو، ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ رڳو بي‌عقلن جي دلين ۾ رهي ٿي.


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ کيس ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ هو واٽ تي ئي ان سان ٺاهہ ڪري ڇڏي، متان اهو فريادي کيس جج جي حوالي ڪري ۽ جج وري کيس سپاهيءَ جي حوالي ڪري ۽ هو جيل ۾ وڌو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ