Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 25:6 - Muslim Sindhi Bible

6 بادشاهہ جي درٻار ۾ پاڻ کي اهم شخص طور پيش نہ ڪريو، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي جاءِ تي وڃي ويهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 بادشاهہ جي حضور ۾ اڳرائي ڪري پاڻ کي پيش نہ ڪر، ۽ وڏن ماڻهن جي جاءِ تي نہ بيهہ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 25:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! منهنجيءَ دل ۾ ڪا مغروري ڪانهي، نڪي وري آڪڙ ۾ منهنجيون اکيون آسمان تائين اوچيون آهن، عجيب ۽ وڏين ڳالهين ۾ آءٌ ڪوبہ دخل نہ ٿو ڏيان.


پر موسيٰ خدا کي چيو تہ ”آءٌ ڪير ٿيندو آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟“


مغرورن سان گڏ لٽ ڦر جو مال ويهي ورهائڻ کان غريبن سان گڏ نهٺو ٿي گذارڻ وڌيڪ بهتر آهي.


جهڙيءَ طرح ماکيءَ جو گھڻو کائڻ چڱو نہ آهي، تهڙيءَ طرح سدائين پنهنجي تعريف پسند ڪرڻ بہ نہ ٿو جڳائي.


ساڳيءَ طرح بڇڙن صلاحڪارن کي ڪڍي ڇڏڻ سان ئي بادشاهہ انصاف سان حڪومت ڪري سگھندو.


اوهان لاءِ اهو بهتر آهي تہ حاڪم جي روبرو اوهان کي چيو وڃي تہ ”اڳيان وڌي اچي ويهو.“ ائين نہ ٿئي جو اوهان کي پوئتي هٽايو وڃي.


اوهين پنهنجي تعريف پاڻ نہ ڪريو، ڀلي تہ ڪو ٻيو اوهان جي واکاڻ ڪري.


پر جڏهن بہ اوهان کي اهڙي دعوت ملي تہ سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي وڃي ويهو، تہ جيئن ميزبان جنهن اوهان کي دعوت ڏني آهي اهو اچي پاڻ چئيوَ تہ ’ادا، مٿي اچي ويهو،‘ تہ انهن جي اڳيان اوهان جي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ اوهين ويٺا هئا.


”جڏهن ڪو اوهان کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاهينءَ جاءِ تي نہ ويهو، ٿي سگھي ٿو تہ هن اوهان کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني هجي.


سموئيل چيس تہ ”جيتوڻيڪ تون پنهنجيءَ ئي نظر ۾ تمام خسيس هئين، تڏهن بہ ڇا تو کي بني اسرائيل جي قبيلن جو اڳواڻ مقرر نہ ڪيو ويو؟ بلڪ خداوند تو کي چونڊي مسح ڪرائي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ