Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 25:21 - Muslim Sindhi Bible

21 جيڪڏهن اوهان جو دشمن بکايل آهي، تہ کيس کارايو، جيڪڏهن هو اڃايل آهي تہ کيس پيئاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل هجي تہ انهيءَ کي کائڻ لاءِ ماني ڏي، ۽ جي هو اُڃايل هجي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 25:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ورندي ڏنس تہ ”نہ، هنن کي نہ ماراءِ. ڇا تون جيڪر انهن کي مارائي ڇڏيندين جن کي تون مقابلي دوران پڪڙي اچين؟ بلڪ هنن جي اڳيان ماني ۽ پاڻي رکراءِ تہ جيئن اهي کائن پيئن. پوءِ هنن کي موڪل ڏي تہ ڀلي پنهنجي مالڪ وٽ موٽي وڃن.“


تڏهن ڪن ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو تہ هو قيدين جي سنڀال ڪن. انهن لٽ جي مال مان اُگھاڙن قيدين کي ڪپڙا پهرايا، کين جتيون پائڻ لاءِ ڏنائون، کين کاڌو کارايائون ۽ سندن زخمن جي ملم پٽي پڻ ڪيائون. انهن مان جيڪي ڪمزور هئا تن کي گڏهن تي چاڙهيو ويو. اهڙيءَ طرح سڀني قيدين کي يهوداہ ۽ اسرائيل جي سرحد وٽ کجين واري شهر يريحو ڏانهن واپس آندو ويو. پوءِ اسرائيل وارا سامريہ ڏانهن موٽي ويا.


خدا انهن کي آرام ڏئي ٿو، ۽ ان آرام کي هو پائيدار سمجھن ٿا، پر خدا سندن هر قدم تي پنهنجي نگاهہ رکي ٿو.


جڏهن اوهان جا دشمن مصيبت ۾ پون، تڏهن اوهين خوشيون نہ ڪريو. هائو، جڏهن اهي ٺوڪر کائي ڪري پون، تڏهن اوهين خوشيون نہ ملهايو،


اهڙي موقعي تي پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئو تہ ”جيئن تہ هن اڳي منهنجو ڏوهہ ڪيو هو، تيئن آءٌ بہ ڪوڙي شاهدي ڏيئي کيس نقصان رسائيندس. هائو، آءٌ سندس ڪئي موجب بدلو ڏيندومانس.“


ڏکويل ماڻهوءَ جي اڳيان خوشيءَ جا گيت ڳائڻ ائين آهي، جيئن سياري ۾ ڪنهن جا ڪپڙا لاهي ڇڏڻ، يا جيئن ڪنهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


هاڻي مون کي يقين آهي تہ تون ضرور بادشاهہ ٿيندين ۽ بني اسرائيل جي حڪومت تنهنجي ئي هٿ ۾ قائم ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ