Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 25:14 - Muslim Sindhi Bible

14 واعدو ڪري ڦري ويندڙ ماڻهو، اهڙن ڪڪرن ۽ واءُ مثل آهن، جن مان برسات جي بوند ئي نہ ٿي وسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 جيئن ڪڪر ۽ واءُ مينهن کان سواءِ، تيئن اُهو ماڻهو جو پنهنجن بخششن جي ڪوڙي ٻٽاڪ ٿو هڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 25:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ لوهہ جا سڱ ٺاهيا ۽ اخي‌اب کي چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’هنن سان توهين ارامين کي اهڙو تہ ٽڪر هڻندا جو اهي مڪمل طور ناس ٿي ويندا.‘“


هر ڪو ماڻهو پاڻ کي سچار ۽ ايماندار پيو چوائي، پر جيڪي سچ پچ ايماندار آهن، تن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي.


هائو، سندس نبي بہ رڳو هوا وانگر آهن ۽ وٽن خدا جو ڪو فرمان ڪونهي.“ سو قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيئن تہ ماڻهن اهڙي ڳالهہ ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي فرمان کي تنهنجي وات ۾ باهہ بڻائيندس ۽ هنن ماڻهن کي ٻارڻ بڻائيندس. پوءِ اها باهہ هنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا، جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ ”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“


ڏسو، جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


خداوند عيسيٰ جو پيءُ يعني خدا، جنهن جي شل هميشہ تائين واکاڻ هجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ