Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 24:9 - Muslim Sindhi Bible

9 بي‌عقل ماڻهوءَ جي رٿن ۾ بہ گناهہ شامل رهي ٿو. ماڻهو اهڙي شخص کان نفرت ٿا ڪن، جيڪو ٻين تي ٺٺوليون ڪندو ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 بي عقل جو خيال گناهہ آهي: ۽ ٺٺولي ڪندڙ مان ماڻهن کي نفرت ٿي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 24:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هر ماڻهو بڇڙائي ڪرڻ ۾ وڌي ويو آهي ۽ انهن جي دل جا خيال هر وقت بڇڙائيءَ جي ڳالهين سان ڀريل آهن،


قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


جيڪي ماڻهو تو سان ٻِہ‌دليا ٿي هلن ٿا، تن کان مون کي نفرت آهي. جڏهن تہ مون کي تنهنجي شريعت سان دلي محبت آهي.


هٺيلو ۽ مغرور ماڻهو جيڪو مغروريءَ سان ٿو هلي، تنهن کي هر ڪو ڏاهپ جو ويري ٿو سمجھي.


ٻين تي ٺٺولي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍو تہ جھيڙو ٽري ويندو، هائو، جھيڙو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندي.


انهيءَ سبب جو اهڙي قسم جا ماڻهو اها ڳالهہ ڌيان ۾ رکندا آهن تہ ڪيترو گھڻو کاڌو ويو. هو زبان سان تہ چوندا آهن تہ ”کائو، جيترو وڻيوَ کائو پيئو.“ پر هو ائين چاهيندا نہ آهن.


جيڪو هميشہ بڇڙائيءَ واريون رٿون پيو رٿي، تنهن کي فسادي ماڻهو سڏيو ٿو وڃي.


ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندڙ سڄي شهر ۾ فتنا فساد ڪرايو وجھن. مگر ڏاهپ سان فتنن فسادن تي ضابطو آڻي ٿو سگھجي.


جيڪڏهن اوهين هٺيلي ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي تنبيهہ ڪري سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا، تہ اوهان کي موٽ ۾ ذلت ۽ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.


اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟


هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن عورت ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.


عيسيٰ سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟


تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.


يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي خدا کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي تابع ٿا ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ