8 جيڪو هميشہ بڇڙائيءَ واريون رٿون پيو رٿي، تنهن کي فسادي ماڻهو سڏيو ٿو وڃي.
8 جيڪو برائي ڪرڻ جون رٿون ڪري ٿو، تنهن کي ماڻهو فسادي شخص سڏيندا.
بادشاهہ شمعيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود سان جيڪا تمام خراب هلت ڪئي هئي سا تو کي پنهنجيءَ دل ۾ معلوم آهي. هاڻ خداوند تو کي تنهنجي خراب هلت جو بدلو ڏيندو.
جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا.
جيڪو بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿو جوڙي سو گمراهہ آهي، مگر جيڪو هر ڪنهن جو خيرخواهہ آهي، سو سڀني لاءِ معتبر ۽ معزز آهي.
انهيءَ سبب جو سندن دلين ۾ ظلم وَ زبردستي ڪرڻ جا خيال پيا ڦرن، ۽ سندن زبانن تي جھيڙي فساد ڦهلائڻ جون ڳالهيون ٿيون رهن.
بيعقل ماڻهوءَ جي رٿن ۾ بہ گناهہ شامل رهي ٿو. ماڻهو اهڙي شخص کان نفرت ٿا ڪن، جيڪو ٻين تي ٺٺوليون ڪندو ٿو رهي.
اهي سدائين ظلم ۽ بڇڙائيءَ جون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن ۽ هر هنڌ فتنو فساد برپا ٿا ڪن.
بڇڙائيءَ واريون رٿون رٿيندڙ دل، بدڪاري ڪرڻ واسطي تکا ڊوڙندڙ پير،
جڏهن تہ دوکيباز ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين، تانتہ حق جون ڳالهيون ڪندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان برباد ڪري ڇڏين.
اي نينواہ! تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص نڪري نروار ٿيو آهي، جيڪو خداوند جي خلاف منصوبا ٿو رٿي، ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ لاءِ اُڪسائي ٿو.
گلاخور، خدا کان نفرت ڪندڙ، بيادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪندڙ،