Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 24:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڏاهپ واريون ڳالهيون بي‌وقوفن جي سمجھہ کان گھڻو مٿي آهن. اهم معاملن بابت صلاح مشوري وقت هو ڪا سٺي صلاح نہ ٿا ڏيئي سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڏاهپ بي عقل جي پهچ کان گهڻو مٿي آهي: هو چونڪ ۾ پنهنجو وات نٿو پٽي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 24:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون ڪنهن يتيم تي ڪڏهن هٿ نہ کنيو آهي، جيتوڻيڪ مون ڄاتو ٿي تہ عدالت ۾ منهنجي هلندي پڄندي آهي.


هن جا ٻار ٻچا سلامتيءَ کان پري آهن، کين عدالت جي دروازي تي ئي چيڀاٽيو وڃي ٿو، ۽ ڪوبہ کين ڇڏائڻ وارو ڪونهي.


پوءِ بہ بڇڙا هر وقت سوڀارا ۽ بامراد ٿا رهن، تنهنجو انصاف هنن کي نظر ئي ڪونہ ٿو اچي. هو پنهنجي سڀني دشمنن کي حقير ٿا ڄاڻن.


سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو، جنهن جو ترڪش اهڙن تيرن سان ڀريل آهي، ڇاڪاڻ تہ شهر جي در وٽ فيصلي وقت جڏهن سندس مخالف ساڻس بحث مباحثو ڪندا، تڏهن هو اولاد جي گھڻائيءَ ڪري سوڀارو ٿيندو.


ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو، ڪڏهن بہ ڏاهپ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي. مگر جنهن ماڻهوءَ کي سمجھہ آهي، سو آسانيءَ سان ڏاهپ حاصل ڪري سگھي ٿو.


عقلمند ماڻهو اهڙو رستو اختيار ٿا ڪن، جيڪو کين زندگيءَ ڏانهن وٺيو وڃي. هو اهو رستو نہ ٿا وٺن جيڪو موت ڏانهن وٺيو وڃي.


جيتوڻيڪ ڏاهپ تہ موجود آهي، تہ بہ بي‌عقل دولتمند اها خريد ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن کي ڪا سمجھہ ئي ڪانهي.


سمجھدار ماڻهو ڏاهپ حاصل ڪري ٿو وٺي، مگر بي‌وقوف جا خيال هيڏانهن هوڏانهن پيا ڀٽڪن.


جيڪڏهن عمدو گفتگو بي‌وقوف کي نہ ٿو سونهين، تہ پوءِ ڇا ڪنهن معزز ماڻهوءَ کي ڪوڙ ڳالهائڻ سونهين ٿو؟


ڪنهن غريب جي مجبوري ڏسي کيس نہ ڦريو، نڪي ڪنهن مسڪين سان عدالت ۾ ناانصافي ڪري ساڻس ظلم ڪريو.


بدڪار ماڻهو ڄاڻن ئي نہ ٿا تہ انصاف جو مطلب ڇا آهي، مگر خداوند جا طالبو انهيءَ کي پوريءَ طرح ٿا سمجھن.


هن جو مڙس مقبول ۽ معزز اڳواڻ بڻجي ٿو وڃي.


خدا انهن کي برباد ڪري ڇڏيندو، جيڪي بي‌گناهن کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا قرار ڏين، ۽ شهر جي دروازي وٽ ويهي عدالت ڪندڙ کي ڦندي ۾ ٿا ڦاسائين، ۽ سچار کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان انصاف کان دور ٿا رکن.


تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ ڀٽڪيل ماڻهو بي‌وقوفيءَ واريون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙي خدا کي رد ٿا ڪن. هو خداوند بابت ڪوڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ لاءِ بکايل جي پيٽ تي لت ٿا ڏين، ۽ اڃايل کي پاڻيءَ کان محروم ٿا رکن.


سو خبردار اي اوهين! جيڪي عدالت ۾ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندڙن، توڙي سچ ڳالهائيندڙن کان نفرت ڪري کين ڌڪاريو ٿا.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جا گناهہ ڪيڏا نہ وڏا آهن، ۽ اوهان جون بدڪاريون ڪيتريون نہ گھڻيون آهن. اوهين سچارن کي ڏکويو ٿا، رشوت وٺو ٿا، ۽ عدالت مان انصاف گھرڻ وارن غريبن کي هڪالي ٿا ڪڍو.


بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو، ۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو. ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي.


پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ