5 ڏاهو ماڻهو ئي ڪامياب ٿئي ٿو، بلڪ ڄاڻ وارو ماڻهو ڏاهپ جي ڪري وڌندو رهي ٿو.
5 ڏاهو ماڻهو مضبوط آهي؛ هائو، علم واري ماڻهوءَ جي طاقت وڌندي ٿي وڃي.
هلندي هلندي سندن طاقت جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي ٿي. بيشڪ اهي صيئون ۾ پهچي تو معبودن جي معبود جو ديدار ڪندا.
سڌي واٽ تي هلڻ وارن لاءِ خداوند جاءِپناهہ آهي، مگر بدڪارن لاءِ هن وٽ بربادي آهي.
هڪڙو عقلمند ماڻهو فوج سان ڀريل شهر کي شڪست ڏيئي ٿو سگھي. هائو، هو سندن مضبوط قلعي کي ڪيرائي مٿن قبضو ڪري ٿو سگھي.
جنگيون بہ ڏاهپ سان کٽي سگھجن ٿيون. هائو، صلاح مصلحت سان ئي فتح حاصل ٿئي ٿي.
آءٌ ماڻهن ۾ سٺي سوچ پيدا ڪريان ٿي، ۽ سٺي ڪم ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ٿي ڪريان. مون وٽ ئي سمجھہ ۽ طاقت آهي.
ڏاهي ماڻهوءَ لاءِ سندس ڏاهپ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جيڪا کيس شهر جي ڏهن طاقتور ماڻهن کان بہ وڌيڪ زورآور ٿي بڻائي.
تون سمجھين ٿو تہ تو کي سٺي حڪمت عملي ۽ فوجي طاقت آهي، اهي تہ رڳو لفظ آهن. آخر تو ڪنهن جي آسري تي مون سان بغاوت ڪئي آهي؟
مگر جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، سي نئين سر طاقت حاصل ڪندا. اهي عقابن وانگر پرن سان اوچائيءَ تي اڏامندا. اهي ڊوڙندا، ليڪن ٿڪبا ڪين، اهي هلندا، ليڪن ماندا ڪين ٿيندا.
انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس عظمت واري قدرت سان هر طرح طاقتور ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان