32 جڏهن مون اهو سڀ ڏٺو تہ وڏي ويچار ۾ پئجي ويس، ۽ انهيءَ ڳالهہ مان مون سبق حاصل ڪيو تہ
32 تڏهن مون نهاري چڱيءَ طرح ويچار ڪيو: اُنهيءَ کي ڏسي مون سمجهيو.
خسيس انسان کي تون ايڏي اهميت ڇو ٿو ڏئين؟ ڇو تون هن کي سدائين پنهنجي نظر ۾ ٿو رکين؟
غصي منجھہ متان اوهين ڪو گناهہ ڪري وجھو، ان جي بجاءِ پنهنجي هنڌ تي ليٽي ماٺ ڪري دل ۾ غور ويچار ڪريو.
ڇا ڏسان تہ اتي هر طرف ڪانڊيرا ئي ڪانڊيرا آهن، ۽ ڊڀن ٻنيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي. ٻنيءَ جي چوڌاري جيڪا پٿرن جي ڀت هئي، سا بہ ڪري پيئي آهي.
جيڪڏهن اوهين چوندا تہ ”اڃا بہ ٿوري ننڊ، بلڪ پنڪي هڻي وٺون، ۽ ٻانهون سوڙهيون ڪري ٿورو آرام ڪري وٺون،“
جڏهن تہ مريم هي سڀ ڳالهيون ياد ڪندي پنهنجيءَ دل ۾ انهن تي ويچار ڪرڻ لڳي.
پوءِ عيسيٰ انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماءُ هي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيون.
ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان آخري زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن.
هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي.
پوءِ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.“
تڏهن سندس شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.“
ڪاش! تون داناءِ هجين ها تہ اهو سمجھي وڃين ها، ۽ پوءِ پنهنجي انجام تي ڪو غور ڪرين ها.