3 ڏاهپ جي وسيلي گھر جوڙي سگھجي ٿو، ۽ سمجھہ جي وسيلي اهو قائم رهي ٿو سگھي.
3 ڏاهپ جي وسيلي گهر جُڙي ٿو؛ ۽ سمجهہ جي وسيلي اُهو قائم ٿئي ٿو؛
انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي نالي جي هميشہ لاءِ وڏائي ٿئي، جو ماڻهو چون تہ ’خداوند قادرِمطلق، بني اسرائيل جو خدا آهي.‘ انهيءَ سان گڏ تنهنجي هن ٻانهي مون دائود جو گھراڻو تنهنجي حضور ۾ قائم دائم رهي.
عقلمند عورت پنهنجو گھر آباد ٿي ڪري، مگر بيوقوف عورت پنهنجو گھر پاڻ برباد ڪريو ڇڏي.
ڏاهپ پنهنجو گھر جوڙيو آهي، هن انهيءَ لاءِ ست ٿنڀا گھڙي کڙا ڪيا آهن.
خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.
مطلب تہ اسين خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، جڏهن تہ اوهين خدا جي پوک آهيو. اوهين خدا جي عمارت پڻ آهيو.
هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي تعليم ملي آهي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.