27 پهريائين ٻنيءَ ۾ هر ڪاهي ٻج پوکيو، پوءِ پنهنجو گھر ٺاهيو.
27 پنهنجو ڪم ٻاهر تيار ڪر، ۽ پنهنجي لاءِ ٻنيءَ کي تيار رک؛ ۽ پوءِ پنهنجو گهر اڏاءِ
جڏهن هيڪل تعمير ڪئي ٿي ويئي تڏهن اتي ڪنهن بہ مُترڪي، ڇيڻيءَ يا ڪنهن ٻئي لوهہ جي اوزار جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ پئي آيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پٿر استعمال ڪيا ٿي ويا سي جبلن مان ڪڍڻ وقت ئي گھڙي تيار ڪيا ويا هئا.
حق سچ چوڻ وارو ئي سچو دوست ثابت ٿئي ٿو.
اي ڌنارؤ! پنهنجي رڍن ٻڪرين جي وقت سر سار سنڀال لهو.
هر شيءِ ۽ هر ڪم جيڪو هن دنيا ۾ ٿئي ٿو، سو مقرر وقت تي ٿيندو رهي ٿو:
ڄمڻ جو وقت هجي توڙي مرڻ جو، پوکڻ جو وقت هجي توڙي ڀيل ڪرڻ جو،