Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 24:24 - Muslim Sindhi Bible

24 جيڪڏهن ڪو ڏوهاريءَ کي بي‌ڏوهي قرار ٿو ڏئي، تہ سڀيئي ماڻهو انهيءَ کان نفرت ڪندا ۽ کيس ملامت ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جيڪو شرير کي چوي ٿو تہ تون سچو آهين؛ انهيءَ تي ماڻهو لعنت ڪندا ۽ قومون انهيءَ کي ڌڪارينديون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 24:24
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو اناج لڪائي مهانگو ڪري ٿو وڪڻي، تنهن کي ماڻهو پٽ پاراتا ڏيندا. مگر جيڪو اهو مناسب قيمت تي وڪڻي ٿو، تنهن کي ماڻهو دعائون ڪندا.


جيڪي بدڪار کي سچار ٿا قرار ڏين، يا جيڪي سچار کي بدڪار ٿا قرار ڏين، تن سڀني کان خداوند کي نفرت آهي.


جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي سو ڪڏهن بہ محتاج نہ ٿيندو، مگر جيڪو سندن ضرورتن کان چشم‌پوشي ٿو ڪري، تنهن تي گھڻي ملامت ڪئي ويندي.


ڪنهن بہ نوڪر جي گلا سندس مالڪ جي آڏو نہ ڪريو، ائين نہ ٿئي جو اهو نوڪر اوهان کي پٽ پاراتو ڏئي، ۽ اوهان تي ڪا مصيبت اچي پوي.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ کي چڱائي ۽ چڱائيءَ کي بڇڙائي ٿا سڏيو، جيڪي روشنيءَ جي بدران اونداهي، ۽ اونداهيءَ جي بدران روشني ٿا ڪري ڇڏيو، جيڪي ڪؤڙي کي مٺو ۽ مٺي کي ڪؤڙو ٿا ڪري ڇڏيو.


اوهين رشوت وٺي بدڪارن کي سچار ٿا قرار ڏيو، ۽ سچارن کي ڏوهي.


جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“


اوهان پنهنجن ڪوڙن سان سچارن جون دليون ٽوڙي وڌيون آهن، جيتوڻيڪ آءٌ انهن جو غمگين ٿيڻ نہ ٿو چاهيان. ان کان علاوہ اوهان بدڪارن جا هٿ مضبوط ڪيا آهن، جنهن جي ڪري اهي خراب رستي کان باز اچي پنهنجي جان نہ ٿا بچائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ