23 ڏاهن جا وڌيڪ قول هي بہ آهن. انصاف ڪرڻ وقت ڪنهن جي بہ طرفداري ڪرڻ نہ گھرجي.
23 هي بہ ڏاهن جا قول آهن. عدالت ۾ پاسخاطري ڪرڻ چڱي ڳالهہ نہ آهي.
تنهنڪري اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ جيڪي ڪريو سو خبرداريءَ سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا وٽ بيانصافي ناهي، نڪي هو ڪنهن جي طرفداري ٿو ڪري ۽ نہ وري وٽس رشوت ٿي هلي.“
اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو خدا جي طرفداريءَ جي ڪوشش پيا ڪريو؟ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو عدالت ۾ هن جو مقدمو اوهين وڙهو؟
جيڪي انسان عقلمند هوندا، سي هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندا، اهڙا ماڻهو خداوند جي دائمي رحمتن تي غور ڪندا.
انهيءَ لاءِ تہ اهي پهاڪن ۽ انهن جي ڳجھين معنائن کي ۽ ڏاهن جي چوڻين ۽ انهن جي مثالن کي سمجھي سگھن.
بدڪار جي طرفداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، نڪي عدالت ۾ سچار سان ناانصافي ٿيڻ گھرجي.
پنهنجو ڪن ڏيئي ڏاهن ماڻهن جا قول ٻڌو. هائو، منهنجي نصيحت کي پنهنجيءَ دل ۾ هنڊايو،
طرفداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، مگر ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي مانيءَ ڳڀي جي رشوت تي ئي گناهہ ڪيو وجھن.
ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.
اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بيانصافي نہ ڪجو، نہ تہ ڪنهن غريب جي پاسخاطري ڪجو، نہ وري ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو لحاظ ڪجو، بلڪ پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪجو.
ظاهري ڳالهيون ڏسي فيصلو نہ ڪريو، پر انصاف سان فيصلو ڪريو.“
اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کان نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي عدالت ۾ خدا جو قانون رائج آهي. جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي، سو مون وٽ آڻجو تہ آءٌ اهو ٻڌندس.‘
اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي.
پر جيڪا ڏاهپ آسمان کان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ رحم ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري رياڪاري.
هاڻي جيڪڏهن اوهين دعا گھرندي خدا کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو هر هڪ ماڻهوءَ جي عمل موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنهنجي هيءَ مسافرن واري زندگي سندس خوف ۾ گذاريو.