Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 24:2 - Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ سبب جو سندن دلين ۾ ظلم وَ زبردستي ڪرڻ جا خيال پيا ڦرن، ۽ سندن زبانن تي جھيڙي فساد ڦهلائڻ جون ڳالهيون ٿيون رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو هنن جي دل ظلم زبردستيءَ جي خيال ۾ ٿي رهي، ۽ هنن جا چپ نقصان جون ڳالهيون ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 24:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي، سو هو بدڪاري ئي ڄڻين ٿا. بيشڪ سندن پيٽن ۾ ٺڳي پيئي نسري.“


انهن جو وات دغا، لعنت ۽ ظلم سان ڀريل آهي. هائو، سندن زبان تي هر دم ٺڳي ۽ برائي آهي.


يعني انهن کان، جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ روز بروز فساد کڙا ڪن ٿا.


مون کي انهن بدڪارن ۽ بڇڙن سان گڏ نہ گهلجانءِ، جيڪي مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون تہ ڪن ٿا، پر انهن جي دلين ۾ دغا آهي.


اهي پنهنجي هنڌ تي ليٽي بہ بڇڙائيءَ جون ئي رٿون ٿا رٿين. اهي برائيءَ کان نفرت نہ ٿا ڪن بلڪ بريءَ راهہ تي هلندا ٿا رهن.


موقعو ڏسي منهنجي جان جا دشمن مون لاءِ ڦندا ٿا اڏين. هائو، جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين، سي تباهيءَ جون ڳالهيون پيا ڪن. اهي مون سان دغا ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن منصوبا پيا جوڙين.


ڏسو، بدڪارن کان ڪيئن نہ بدڪاري اڀامي ٿي نڪري، بڇڙائيءَ جو ڪُنو چاڙهي اهي ڪوڙ کي پچائي ڪڍين ٿا.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين بڇڙن جي ڳالهين تي نہ هلو، توڙي جو اهي اوهان کي هرکائڻ لاءِ چون تہ


جيڪو هميشہ بڇڙائيءَ واريون رٿون پيو رٿي، تنهن کي فسادي ماڻهو سڏيو ٿو وڃي.


اهي سدائين ظلم ۽ بڇڙائيءَ جون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن ۽ هر هنڌ فتنو فساد برپا ٿا ڪن.


بڇڙائيءَ واريون رٿون رٿيندڙ دل، بدڪاري ڪرڻ واسطي تکا ڊوڙندڙ پير،


سو هاڻي بني اسرائيل جو پاڪ معبود سندن جواب ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”اوهان منهنجي پيغام کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ظلم ۽ ڪوڙ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهن تي ئي اوهان جو دارومدار آهي.


عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


۽ چيائينس تہ ”اي ابليس جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون خداوند جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟


دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جا منصوبا پيو جوڙي، تڏهن هن ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مذهبي وڳو کڻي اچ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ