19 بدڪار ماڻهن جي ڪري اوهين خفي نہ ٿيو، نڪي انهن تي ريس ڪريو.
19 بدي ڪندڙن جي ڪري ڪُرڪندو نہ وت؛ نڪي شريرن تي حسد ڪر.
سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا.
سو اوهين، اي بدڪار ماڻهو! مون کان ڀڄي پري ٿيو، آءٌ پنهنجي خدا جي احڪامن تي عمل ڪندو رهندس.
بدڪارن کي خوش ڏسي اوهين پنهنجو پاڻ کي پريشان نہ ڪريو. هائو، انهن سان ريس نہ ڪريو، جيڪي بڇڙائيءَ جا ڪم ڪن ٿا.
جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي.
ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بيوقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.
گنهگارن کي ڏسي مٿن ريس نہ ڪريو، بلڪ هميشہ خداوند کان ڊڄندا رهو.
اوهين بدڪار ماڻهن تي ريس نہ ڪريو، نڪي انهن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪريو.
متان خداوند اهو ڏسي ناراض ٿي پوي، ۽ اوهان جي دشمنن کي سزا نہ ڏئي.
هن ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن وٽان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، نہ تہ اوهين بہ هنن سان گڏ سندن سڀني گناهن سبب چٽ ٿي ويندءُ.“
تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.
اونداهيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انهن جي ملامت ڪريو،
پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي،