Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 24:15 - Muslim Sindhi Bible

15 انهن بدڪار ماڻهن وانگر نہ ٿيو، جيڪي ڪنهن ايماندار ماڻهوءَ کي لٽڻ ڦرڻ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ انهيءَ جي ڪٽنب وارن کي نقصان ٿا پهچائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 اي شرير شخص، سچي جي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ ڇپ هڻي لڪي نہ ويهہ؛ هن جي آرام جي جاءِ خراب نہ ڪر:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 24:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن مغرور ماڻهن مون لاءِ ڦندو لڪائي رکيو آهي، ۽ مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار پکيڙيو اٿائون. هائو، اهي منهنجي هر واٽ تي مون لاءِ ڦاهي اڏيو ويٺا آهن.


بڇڙا ماڻهو سچارن جي تاڙ ۾ رهن ٿا. هو کين قتل ڪرڻ لاءِ وجھہ ڳوليندا وتن ٿا.


اهي گڏجي ڇپي ٿا ويهن ۽ مون کي تاڙين ٿا. هو منهنجي ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن.


ڏس، هو منهنجي جان وٺڻ لاءِ تاڙيو ويٺا آهن. اهي خونخوار ماڻهو منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن. اي خداوند! توڙي جو منهنجو ڪوبہ گناهہ يا خطا ناهي،


”اسان سان گڏ هلو تہ ڪنهن جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙي ويهون، يا لڪي ويهي بي‌گناهہ ماڻهن کي ناحق ڦاسائڻ لاءِ ڦندو اڏيون.


اوهان جي موروثي زمينن جي حدن جي نشانن کي هيڏي هوڏي نہ سوريو، جيڪي نشان اوهان جي ابن ڏاڏن جا مقرر ڪيل آهن.


هائو، تڏهن اسان جي قوم ڳڻتين کان آزاد ٿي ويندي، ۽ پنهنجي گھرن ۾ امن وَ سلامتيءَ ۽ آرام وَ آسائش جي زندگي گذاريندي.


مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ ڪو منهنجي خلاف سازش سِٽي ويئي آهي. آءٌ تہ هڪڙي اٻوجھہ گھيٽڙي وانگر هئس، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃبو آهي. هنن پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون تہ ”اچو تہ هن کي وڻ وانگر سندس ڦوهُہ جوانيءَ ۾ ئي وڍي ڇڏيون ۽ کيس جيئرن جي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيون، تان‌تہ جيئن هن جو نالو نشان ئي نہ رهي.“


هنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،


پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن انهيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي اها ڳالهہ ٻڌايائين.


”اوهين مهرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري ڇڏين.


پر سائول کي سندن انهيءَ سازش جي خبر پئجي ويئي. سو جڏهن اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي انهيءَ تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ کيس مارين،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ