Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 24:13 - Muslim Sindhi Bible

13-14 اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ماکيءَ مثل مٺي آهي، جيئن ماکي کائڻ ۾ مزيدار آهي، ۽ ماناري مان ٽمندڙ ماکي ڪيڏي نہ مٺي ٿي لڳي، تيئن يقين ڄاڻو تہ ڏاهپ بہ اوهان جي حياتيءَ لاءِ ماکيءَ مثل مٺي آهي. جيڪڏهن اها اوهان کي حاصل ٿي ويئي، تہ اوهان جو مستقبل روشن ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 اي منهنجا پٽ، تون ماکي کاءُ، ڇالاءِ جو اُها چڱي آهي؛ ۽ مانارو بہ، جو توکي مٺو ٿو لڳي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 24:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڪيڏيون نہ مٺڙيون آهن، هائو، منهنجي وات جي لاءِ اهي ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺيون آهن.


اهي ماڻهن کي سون کان، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پسند آهن. اهي ماکيءَ کان، بلڪ ماناري واري ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺا آهن.


مهربانيءَ وارا لفظ ماکيءَ جهڙا ٿا ٿين. هائو، اهي ماکيءَ جهڙا مٺا ۽ تازگي بخشيندڙ آهن.


جيڪڏهن اوهان کي ماکي ملي وڃي تہ ايتري کائو جيتري اوهان کي ضرورت آهي، متان حد کان وڌيڪ کائو ۽ پوءِ الٽي ڪري ڪڍو.


جهڙيءَ طرح ماکيءَ جو گھڻو کائڻ چڱو نہ آهي، تهڙيءَ طرح سدائين پنهنجي تعريف پسند ڪرڻ بہ نہ ٿو جڳائي.


ڍاول ماڻهوءَ کي ماکيءَ مان بہ سواد نہ ٿو اچي، مگر بکايل ماڻهوءَ کي بصر بہ مٺو ٿو لڳي.


اي منهنجي محبوبہ! تنهنجا چپ ماکيءَ جهڙا مٺا آهن، تنهنجي چمين سان مون کي ماکيءَ ۽ کير جهڙي لذت ٿي ملي. تنهنجي ڪپڙن جي خوشبوءِ، لبنان جي عطر جهڙي آهي.


اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! آءٌ پنهنجي هن باغ ۾ آيو آهيان، ۽ انهيءَ جي مُر ۽ مصالحن جي خوشبوءِ مان لطف پيو ماڻيان. آءٌ هن پنهنجي باغ جي ماناري مان ماکي کائي رهيو آهيان. آءٌ هن باغ جي مئي ۽ کير پي رهيو آهيان. اي پيار ڪرڻ وارؤ! خوب کائو ۽ پيئو، ايتري تائين جو پيار ۾ مدهوش ٿي وڃو.


هن جو پٽ آسودگي ۽ خوشحاليءَ ۾ گذاريندو ۽ جيستائين سندس عمر بديءَ کان انڪار ڪرڻ ۽ نيڪيءَ کي پسند ڪرڻ جي ڄاڻ رکڻ تائين پهچي، تنهن کان اڳ يقيناً انهن ٻنهي بادشاهن جي ملڪن کي تباهہ وَ برباد ڪيو ويندو جن کان تون ڊڄين ٿو.


يحيٰ کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.


هن اها پنهنجي هٿن ۾ کنئي ۽ کائيندو اڳتي هليو. جڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ پهتو، تڏهن انهن کي پڻ ڏنائين ۽ انهن بہ اها کاڌي. پر انهن کي اهو نہ ٻڌايائين تہ اها ماکي شينهن جي لاش مان ڪڍي هئائين.


پر يونتن اهو ڪونہ ٻڌو هو تہ پڻس ماڻهن کي قسم ڏنو آهي. سو هن پنهنجي هٿ واريءَ لٺ جو ڇيڙو ماکيءَ جي ماناري ۾ ٽُنبي، انهيءَ مان ڪجھہ ماکي کاڌي تہ سندس اکيون کلڻ لڳيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ