چوڻيون 24:12 - Muslim Sindhi Bible12 ائين نہ چئو تہ ”منهنجو انهيءَ سان ڪو واسطو نہ آهي.“ انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي ذهن کي پرکي ٿو. هو اسان مان هر هڪ تي نظر رکي ٿو، ۽ اسان جي خيالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. خدا هر ڪنهن کي سندس عملن مطابق ئي بدلو ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 جيڪڏهن تون چوندين تہ ڏس اسين هي نٿا ڄاڻون: تہ جيڪو دليون توري ٿو سو انهيءَ جو ويچار نہ ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو تنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو اهو نہ ڄاڻندو ڇا؟ ۽ اهو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪيتي موافق عيوضو نہ ڏيندو ڇا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.