10 اهو ماڻهو ڪمزور ليکيو وڃي ٿو، جيڪو مصيبت جي وقت ڪمزور ٿيو پوي.
10 جيڪڏهن تون مصيبت جي ڏينهن بي حواس ٿي ويندين، تہ تنهنجو زور ٿورو آهي.
پر هاڻ جڏهن تو تي مصيبت اچي پيئي آهي، تڏهن تون همت هاري ويٺو آهين! مصيبت اچي تو کي ڇهيو آهي، تہ تون گھٻرائجي ويو آهين!
هر سال مختلف افواهہ پيا هلندا آهن تہ ملڪ ۾ ظلم هلندو رهي ٿو، يا هڪڙو حاڪم ٻئي سان مقابلو ڪري ٿو. پر اوهين همت نہ هاريو، نہ وري ملڪ ۾ هليل انهن افواهن جي ڪري ڪو ڊپ ڪريو.
سو اسان رسولن کي خدا جي رحم سان هيءَ خدمت ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.
تنهنڪري آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو تن جي ڪري بيهمت نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون اهي مصيبتون اوهان لاءِ فخر جو سبب آهن.
عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون تہ ’جيڪو ماڻهو ڊڄڻو ۽ بيهمت هجي، تہ اهو بہ پنهنجي گھر موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس بني اسرائيل جا ڀائر بہ انهيءَ وانگر بيهمت ٿي پون.‘
”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.
منهنجي نالي جي ڪري اوهين سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿڪا آهيو، بلڪ ثابت قدميءَ سان هلندا ٿا رهو.
پوءِ دائود سوچڻ لڳو تہ ”ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس. سو منهنجي لاءِ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ آءٌ فلستين جي ملڪ ڏانهن هليو وڃان. پوءِ هو نااميد ٿي مون کي اسرائيل جي سرحدن ۾ وري نہ ڳوليندو. اهڙيءَ طرح آءٌ سندس هٿان بچي ويندس.“