1 اوهين بدڪار ماڻهن تي ريس نہ ڪريو، نڪي انهن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪريو.
1 خراب ماڻهن تي ريس نہ ڪر؛ نڪي هنن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪر:
سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا.
تون مون کي گنهگارن سان گڏي ناس نہ ڪجانءِ، نڪي خوني ماڻهن سان گڏ مون کي موت جي سزا ڏجانءِ.
بدڪارن کي خوش ڏسي اوهين پنهنجو پاڻ کي پريشان نہ ڪريو. هائو، انهن سان ريس نہ ڪريو، جيڪي بڇڙائيءَ جا ڪم ڪن ٿا.
اوهين خداوند آڏو راضي رهو ۽ مٿس توڪل رکو. بدڪار جيڪي پنهنجيءَ راهہ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، يا وري اهي جيڪي برن منصوبن سان سوڀ ٿا ماڻين، تن کي ڏسي اوهين منجھي نہ پئو.
جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي.
ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بيوقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.
گنهگارن کي ڏسي مٿن ريس نہ ڪريو، بلڪ هميشہ خداوند کان ڊڄندا رهو.
بدڪار ماڻهن جي ڪري اوهين خفي نہ ٿيو، نڪي انهن تي ريس ڪريو.
زور زبردستي ڪندڙ ماڻهن تي اوهين ريس نہ ڪجو، نڪي انهن جي نقشِقدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪجو،
اوهين ظالم ۽ بدڪار ماڻهن جي بڇڙين واٽن تي نہ هلو.
انهن جي واٽن جي هر گز ويجھو نہ وڃو. اٽلندو، انهن کان هٽي پري ٿيو ۽ پنهنجي واٽ وٺي اڳتي هلندا رهو.