Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 23:5 - Muslim Sindhi Bible

5 دولت هڪڙي اهڙي شيءِ آهي، جيڪا ڏسندي ڏسندي ائين اڏاميو وڃي، جيئن ڪو پکي اڏامي هليو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جيڪي اصل هستيءَ ۾ نہ آهي تنهن تي پنهنجون اکيون وجهندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيئن عقاب آسمان ڏانهن اُڏامي ٿو وڃي، تيئن دولت بہ ضرور اُڏامي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 23:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندن پيءُ کين چيو تہ ”اوهان مون کي بي‌اولاد ڪندا ٿا وڃو. يوسف هليو ويو، شمعون هليو ويو ۽ هاڻي بنيامين کي بہ وٺي ويندءُ. اهي سڀ سور مون لاءِ ئي آهن.“


دولتمند جڏهن رات جو سمهن ٿا، تہ پاڻ سان گڏ سڀ ڪجھہ کڻي نہ ٿا سمهن، ۽ جڏهن هو پنهنجيون اکيون کولين ٿا، تہ وٽن ڪجھہ بہ ڪين ٿو رهي.


بيشڪ هر انسان پاڇي وانگر گم ٿيو وڃي. هو جيڪا بہ جاکوڙ ڪري ٿو سا بلڪل بي‌فائدي آهي. هو مال پٺيان مال تہ گڏ ڪندو ٿو رهي، پر اها خبر ڪين اٿس تہ اهو ڪنهن جي ملڪيت ٿيندو.


انهيءَ سبب جو دولت هميشہ ساٿ نہ ٿي ڏئي، نڪي تخت وَ تاج ئي پيڙهين تائين قائم ٿو رهي.


هو دانائيءَ واريون ڳالهيون ڪندي چوي ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.


سو آءٌ دانائيءَ واري ڳالهہ ڪندي چوان ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.


جيڪا شيءِ صحيح کاڌي طور استعمال نہ ٿي ٿئي، تنهن لاءِ پنهنجو پئسو ڇو ٿا ضايع ڪريو؟ هائو، جنهن شيءِ مان ڍءُ نہ ٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪا چڱي شيءِ هجي سا کائو، ۽ عمدي کاڌي مان لذت حاصل ڪريو.


پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال، بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.


”تون يرمياہ کي قيد مان ڪڍي وڃي سندس سنڀال ڪر، کيس ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائج. هو تو کي جيڪي چوي سو سندس لاءِ ڪج.“


”اوهين هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ خزانو گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباهہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ هڻي چوري ڪن ٿا.


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آهي، يعني جسماني خواهش، اکين جي خواهش ۽ دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آهن پر دنيا جي طرفان آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ