Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 23:34 - Muslim Sindhi Bible

34 تڏهن اهو پاڻ کي ائين لڏندو لمندو محسوس ٿو ڪري، جيئن ڄڻ ڪو طوفان ۾ وڪوڙيل ٻيڙيءَ ۾ ليٽيل هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 هائو تون انهيءَ جهڙو ٿيندين جو سمنڊ جي وچ ۾ سمهي ٿو، يا انهيءَ جهڙو، جو جهاز جي کوهي جي چوٽيءَ تي سمهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 23:34
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“


تڏهن هن جو سالار جنهن جو نالو زمري هو ۽ جيڪو جنگي گھوڙي گاڏين مان اڌ حصي جو نگران هو، تنهن هن خلاف بغاوت ڪئي. هڪ ڏينهن ترضہ ۾ ايلہ پنهنجي محل جي نگران ارضہ جي گھر ۾ گھڻي پيئڻ ڪري نشي ۾ ٻڏو پيو هو.


تنهنجي قهر واري ڦوڪ سان پاڻي ڍڳن مٿان ڍڳ ٿيو، ۽ اهو وهندڙ پاڻي ڀت جيان بيهي رهيو. هائو، سمنڊ جي وچ ۾ اونهو پاڻي ڄمي بيهي رهيو.


تڏهن ماڻهو عجيب وَ غريب شيون ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ سندس وات مان ابتيون سبتيون ڳالهيون ٿيون نڪرن.


هن کي جيڪڏهن ڪي رهڙا بہ اچن ٿا، پر کيس اهو معلوم ئي نہ ٿو ٿئي تہ ساڻس ڇا وهيو واپريو آهي. تڏهن هو ليٽيندي ئي پاڻ کان پڇي ٿو تہ ”ڇا مون کي ڪنهن مار ڏني آهي؟ پر مون کي خبر نہ آهي. ڪاش! آءٌ جاڳي پوان تہ جيئن ڪجھہ وڌيڪ شراب پيئان.“


اي لموئيل! اهو بادشاهن جي شان وٽان ناهي تہ اهي شراب پيئن. هائو، نشي‌بازي حڪمرانن کي نہ ٿي جڳائي.


اي مئي پيئڻ سان مدهوش رهڻ وارؤ! جاڳو ۽ روئو رڙو. هائو، اي مئي‌خوارؤ! اوهين رڙيون ڪري روئو، ڇاڪاڻ تہ اها مٺي مئي اوهان جي وات تان کسي ويئي آهي.


انهن ڏينهن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا ٿي رهيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا ٿي رهيا، تان جو اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو.


”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو ابنِ آدم جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ