Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 23:31 - Muslim Sindhi Bible

31 جڏهن مئي ڳاڙهي لال هجي، ۽ جڏهن پيالي ۾ انهيءَ جو رنگ چمڪڻ لڳي، تڏهن انهيءَ کي ڏسي هرگز نہ هرکو، ڇاڪاڻ تہ اهو مزي سان نڙيءَ مان تہ لهي ٿو وڃي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 جڏهن شراب ڳاڙهو آهي تڏهن اُن ڏانهن نہ نهار، يا جڏهن اُهو پيالي ۾ پنهنجو رنگ ظاهر ڪري ٿو، ۽ جڏهن اهو لسو ڳسيو وڃي ٿو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 23:31
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن شام جو دائود جڏهن پنهنجي پلنگ تان اُٿي شاهي محل جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو، تہ ڇت تان هن هڪڙيءَ عورت کي وهنجندي ڏٺو. اها عورت ڏاڍي خوبصورت هئي.


انهيءَ ڪري اي ايوب! هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، جيڪي بہ آءٌ چوان تنهن ڏانهن ڪن ڏي.


مون کي باطل شين ڏانهن مائل ٿيڻ کان باز رک، بلڪ پنهنجيءَ واٽ تي هلاءِ تہ جيئن حياتي عطا ٿئيم.


تہ جيئن اوهين اهڙين عورتن جي حسن تي موهت نہ ٿي پئو. هائو، اوهين انهن جي نيڻن جا اسير نہ بڻجي وڃو.


تنهنجي چپن جي چمي، عمدي مئي کان بہ وڌيڪ سرور واري آهي. ڀلي تہ اها مئي منهنجي محبوب ڏانهن سڌي وڃي، ۽ سندس چپن ۽ ڏندن کي ڇهندي وڃي.


جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان دوزخ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿئين.


مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بي‌احتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ دل سان خداوند جي واکاڻ ۾ ڳائيندي وڄائيندي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آهي، يعني جسماني خواهش، اکين جي خواهش ۽ دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آهن پر دنيا جي طرفان آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ