Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 23:28 - Muslim Sindhi Bible

28 اهڙيون عورتون ڦورن جي ٽولي وانگر حملي ڪرڻ لاءِ ڇپ ماري ٿيون ويهن، ۽ پرڻيل مردن ۾ بي‌وفائيءَ جو تعداد وڌائين ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 هائو هوءَ هڪڙي چور وانگر ڇپ هڻي ويهي ٿي، ۽ ماڻهن ۾ دغابازن جو شمار وڌائي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 23:28
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ هوءَ هر روز يوسف کي چوندي رهي، تہ بہ يوسف ساڻس سمهڻ واري ڳالهہ تہ نہ مڃي، بلڪ وٽس رهڻ بہ قبول نہ ڪيائين.


بدڪار عورت جون ڳالهيون اونهيءَ کڏ مثل آهن، جنهن تي خداوند جو ڏمر آهي سو ئي انهيءَ ۾ وڃي ڪري ٿو.


ياد رکو، ڪسبياڻين جي چڪر ۾ اچي ماڻهو مانيءَ جي ٽڪر جو محتاج بڻجيو پوي، جڏهن تہ ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري قيمتي حياتيون ڳڙڪايو ڇڏي.


ڇا ڏسان تہ اها عورت اچي ساڻس گڏي، جنهن کي ڪسبياڻين وارو لباس پهريل هو ۽ دل جي مڪار ٿي لڳي.


اهي گھٽين، چوراهن ۽ بازارن ۾ رلنديون وتنديون آهن، تان‌تہ ڪنهن مرد کي ڦاسائين.


پر انهيءَ جا شڪار ٿيل نہ ٿا ڄاڻين تہ جيڪي هن جي گھر ۾ وڃن ٿا، سي مريو وڃن، ۽ جيڪي اڳ ۾ سندس مهمان ٿيا هئا، سي قبر جي تري ۾ وڃي ڪريا آهن.


تڏهن مون معلوم ڪيو تہ موت کان بہ وڌيڪ هڪڙي ڪؤڙي شيءِ آهي، يعني اها عورت جنهن جو پيار ڦندي ۽ ڄار مثل آهي ۽ جنهن جي هٿن ۾ هٿڪڙيون آهن. جنهن ماڻهوءَ سان خدا راضي هوندو سو انهيءَ کان بچي نڪرندو، جڏهن تہ گنهگار انهيءَ جو شڪار ٿي ويندو.


ٽڪر تي ٺهيل جاين ڏانهن پنهنجيون اکيون کڻي نهاري ڏس تہ اتي ڪابہ اهڙي جاءِ آهي جتي تو سان ڪو ستو نہ هجي؟ تون بيابان جي رستن جي ڪناري پنهنجي يارن لاءِ ائين انتظار ۾ ويٺي آهين، جيئن بدوي رستن تي ويهي ايندڙ ويندڙ سان وهنوار ڪندا آهن. تو هن ملڪ کي پنهنجي اهڙي زناڪاري ۽ بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ائين لڳي ٿو تہ منهنجي قوم نئين توڙي پراڻي مئي پئي پئي پنهنجو هوش وڃائي ويٺي آهي،


جڏهن بني اسرائيل شطيم ماٿريءَ ۾ رهيا پيا هئا، تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن اتي جي رهاڪو موآبي عورتن سان زناڪاري شروع ڪري ڏني.


نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن زناڪاري ڪئي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٽيويهہ هزار ماڻهو موت جي حوالي ڪيا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ