Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 23:23 - Muslim Sindhi Bible

23 سچائي، ڏاهپ، سکيا ۽ سمجھہ ملهہ ڏيئي بہ خريد ڪرڻ گھرجي، انهن کي اوهين پاڻ کان هرگز جدا نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 سچ کي خريد ڪر ۽ انهيءَ کي وڪڻي نہ ڇڏ؛ هائو، ڏاهپ کي ۽ تعليم کي ۽ سمجهہ کي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 23:23
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ آءٌ تنهنجي حڪمن کي سون، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ عزيز رکان ٿو.


تنهنجي زبان جا اهي حڪم مون لاءِ سون چانديءَ جي هزارين سڪن کان بہ وڌيڪ افضل آهن.


هي سليمان جون چوڻيون آهن. داناءَ ٻار پنهنجي والدين جي خوشيءَ جو سبب ٿا بڻجن، مگر نادان ٻار سندن ڏک جو باعث بڻجن ٿا.


ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي.


جيتوڻيڪ ڏاهپ تہ موجود آهي، تہ بہ بي‌عقل دولتمند اها خريد ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن کي ڪا سمجھہ ئي ڪانهي.


سياڻا ماڻهو سمجھڻ جو چاهہ رکن ٿا. هائو، عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ ٿا رهن.


سو ڪنهن هٺيلي ماڻهوءَ کي سڌارڻ جي ڪوشش نہ ڪريو، متان هو اوهان کان نفرت ڪرڻ لڳي. البت ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي اوهين تنبيهہ ڪندا تہ هو اوهان جي عزت ڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي سمورا اڃايلؤ! اچو، اچي پاڻي پيئو. اوهين جن وٽ پئسو ڪونهي، سي بہ اچو، اچي اناج وٺو ۽ کائو. هائو، اچو ۽ اڻ‌مُلهو ۽ بنا پئسي مئي ۽ کير وٺو.


”آسمان جي بادشاهي انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.


جڏهن هو ڪو تمام عمدو موتي لهي ٿو تہ وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اهو موتي خريد ڪري ٿو.“


ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ قيد ۽ مصيبتون مون لاءِ انتظار ڪري رهيون آهن، جنهن جو چتاءُ پاڪ روح مون کي هر شهر ۾ ڏنو آهي.


هن مسيح جي خاطر بي‌عزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو. هن جي نظر ملڻ واري اجر تي هئي.


اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باهہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ اڇا ڪپڙا بہ وٺو تہ پنهنجي اوگھڙ ڍڪي شرمسار نہ ٿيو. پنهنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ