19 اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اوهين ڏاها ٿيو ۽ سوچي سمجھي سڌي راهہ اختيار ڪريو.
19 اي منهنجا پٽ، ٻڌ ۽ ڏاهو ٿيءُ، ۽ پنهنجيءَ دل کي سنئين رستي تي آڻ.
نصيحت ڪرڻ واري جي ڳالهين تي ڌيان ڏيو، ۽ سکڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريو.
اي منهنجا ٻارؤ! مون ڏانهن پورو پورو ڌيان ڏيو، ۽ دل وَ جان سان منهنجي نقشِقدم تي هلو.
جيڪي ڪجھہ ڪريو سو سوچي ويچاري ڪجو، تڏهن اوهان جا پير صحيح طرف ڏانهن هلندا رهندا.
اوهان مان جيڪي سُست ۽ ڪاهل آهن سي ڪِولين کي جاچي ڏسن ۽ انهن جي زندگي گھارڻ جي طريقن مان وڃي سبق سکن.
جيڪڏهن اوهين زندگي چاهيو ٿا تہ پنهنجي اڻڄاڻائي ڇڏي ڏيو ۽ دانائيءَ واري رستي تي هلو.
اهي شهر جي اڳواڻن کي چون تہ ’اسان جو هي پٽ ضدي ۽ فسادي آهي، جيڪو اسان جو چيو نہ ٿو مڃي. هي هٿ ڦاڙ ۽ شرابي آهي.‘
سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.