7 شاهوڪار ماڻهو غريب تي حڪمراني ٿو ڪري، ساڳيءَ طرح قرض وٺڻ وارو قرض ڏيڻ واري جو غلام ٿو ٿئي.
7 شاهوڪار غريب تي حڪم هلائي ٿو، ۽ اُڌار کڻندڙ اُڌاري ڏيندڙ جو نوڪر آهي.
هڪڙي عورت اليشع وٽ آئي جنهن جو مڙس نبين جي ٽولي مان هو ۽ مري ويو هو. انهيءَ عورت اليشع کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي! توهان کي خبر آهي تہ هو خدا جو خوف رکڻ وارو ماڻهو هو. پر هاڻ انهيءَ جو هڪڙو لهڻيدار آيو آهي، جيڪو پنهنجي قرض ۾ منهنجا ٻہ پٽ غلام ڪري وٺي وڃڻ چاهي ٿو.“
جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ پنهنجي خالق جي بيحرمتي ٿو ڪري. مگر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري، سو خدا جي تعظيم ٿو ڪري.
غريب عاجزيءَ سان ٿو ڳالهائي، مگر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو.
جيڪو پنهنجي لالچ جي ڪري دولتمند کي تحفا ٿو ڏئي، يا وري پنهنجي فائدي واسطي غريب تي ظلم ٿو ڪري، سو ضرور ڪنگال ٿو ٿئي.
ڪنهن غريب جي مجبوري ڏسي کيس نہ ڦريو، نڪي ڪنهن مسڪين سان عدالت ۾ ناانصافي ڪري ساڻس ظلم ڪريو.
تڏهن سڀني جو حال هڪجهڙو ٿيندو، جهڙو عام ماڻهوءَ جو تهڙو ڪاهن جو، جهڙو نوڪر جو تهڙو مالڪ جو، جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سائڻ جو، جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو، جهڙو اڌاري وٺندڙ جو تهڙو اڌاري ڏيندڙ جو، جهڙو وياج ڏيندڙ جو تهڙو وياج وٺندڙ جو.
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي، تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض، بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.
ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.
اي اوهين! جيڪي محتاجن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ملڪ جي غريبن کي ناس ٿا ڪريو، سي ٻڌو.
اوهين چاهيو ٿا تہ ”ڪڻڪ کي گندگار سميت وڪڻون، ۽ غريب کي چانديءَ جي چند سڪن تي، ۽ مسڪين کي جتيءَ جي جوڙي تي خريد ڪريون.“
پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘
پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بيعزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟
هاڻ اي دولتمندؤ! اوهين ٻڌو، انهن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙو، جيڪي اوهان تي اچڻيون آهن.
ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.