Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 22:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ننڍپڻ کان ئي سڌي رستي تي هلڻ سيکاريو وڃي، تہ اهي پوڙهائپ ۾ بہ انهيءَ رستي کان نہ ڦرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ٻار کي اهو رستو سيکار جنهن تي هن کي هلڻ کپي، ۽ جڏهن هو ٻڍو ٿيندو تڏهن بہ اهو نہ ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 22:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.


اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکارجو، گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهجو.


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکاريو. گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهو.


۽ ننڍپڻ کان وٺي خدا جي انهن پاڪ لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي دانائي بخشي سگھن ٿيون.


تڏهن منوحہ کانئس وڌيڪ پڇيو تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن جڏهن ٿئي تڏهن اهو ٻار ڇا ڪري ۽ سندس رهڻي ڪهڻي ڪهڙي قسم جي هجي؟“


تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.


هوڏانهن سموئيل ڇوڪرو وڌندو رهيو. خداوند توڙي انسان ٻئي کيس پسند ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ