4 نماڻائيءَ ۽ خداوند جي فرمانبرداريءَ جو اجر دولت، عزت ۽ ڊگھي ڄمار آهي.
4 نماڻائيءَ جو انعام ۽ خداوند جو خوف دولت ۽ عزت ۽ حياتي آهي.
خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو. بلڪ خداترس ماڻهو هميشہ آرام سان سمهن ٿا، ۽ هر برائيءَ کان محفوظ رهن ٿا.
عقلمند ماڻهن جي گھرن ۾ دولت وڌندي رهي ٿي، مگر بيوقوف ماڻهو جلدي کپايو ڇڏين.
سچار ۽ رحمدل ماڻهو نيڪي، عزت ۽ ڊگھي ڄمار ماڻيندا آهن.
سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بيسمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.
بڇڙي ماڻهوءَ جي راهہ ۾ ڪنڊا ۽ ڦندا ٿا ٿين، مگر جنهن کي پنهنجي زندگيءَ سان پيار آهي، سو انهن رستن کان پري ٿو رهي.
ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ کيس نيچو ڪريو ڇڏي. مگر جيڪو نهٺو آهي سو ضرور عزت حاصل ڪري ٿو.
ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي.
سونهن ۽ مِٺو ڳالهائڻ بيبقا ۽ ٺڳيندڙ آهن، پر جيڪا عورت خداوند کان ڊڄي ٿي، تنهن جي تعريف ڪئي وڃي،
۽ انهيءَ کي مضبوطيءَ سان قائم رکندو. هو اسان جي قوم جي هميشہ حفاظت ٿو ڪري، ۽ اسان کي حقيقي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪري ٿو. خداوند جو خوف ئي اسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهي.
آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.
سو انهيءَ ئي وقت منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. منهنجي بادشاهت جو شان وَ شوڪت، منهنجو رعب ۽ حشمت مون ۾ موٽي آيا. منهنجا مشير ۽ امير وري مون سان اچي گڏيا. مون کي پنهنجي بادشاهت تي بحال ڪيو ويو ۽ منهنجي عظمت اڳي کان بہ گھڻو وڌي ويئي.
پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.
انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.
خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.
پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“