Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 22:29 - Muslim Sindhi Bible

29 مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 تون اهو ماڻهو ڏسين ٿو جو پنهنجي ڪم ڪار ۾ محنتي آهي؟ اهو بادشاهن جي حضور ۾ بيهندو؛ هو خسيس ماڻهن جي اڳيان نہ بيهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 22:29
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو فرعون پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اسان کي هن کان وڌيڪ سٺو ماڻهو هٿ نہ ايندو، هڪ اهڙو ماڻهو جنهن ۾ خدا جو روح آهي.“


ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.


مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“


تڏهن يوآب ۽ سندس ماڻهن عساهيل کي کڻي بيت‌لحم ۾ سندس پيءُ جي قبرستان ۾ آڻي دفن ڪيو. پوءِ اهي سڄي رات پنڌ ڪندا پرهہ ڦٽيءَ مهل اچي حبرون شهر ۾ پهتا.


تنهنجيون زالون ڪيڏيون نہ خوش‌نصيب آهن! تنهنجا عملدار ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن، جيڪي هر وقت تو وٽ حاضر رهن ٿا ۽ تنهنجيون ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌن ٿا!


انهيءَ وقت هن جي نظر يربعام تي پيئي جيڪو هڪ همت ڀريو ماڻهو هو ۽ ڏاڍي محنت سان ڪم ڪري رهيو هو. سو سليمان هن کي بني افرائيم ۽ بني منسيءَ جي سڄي بيگاري ماڻهن جو نگران مقرر ڪيو.


شلاہ جي اولاد مان ڪي ڪنڀر بہ هئا جيڪي نتائيم ۽ گديرا ڳوٺن جا رهاڪو هئا، اتي هو بادشاهہ وٽ سندس ڪم ڪار لاءِ رهندا هئا.


سُستي انسان کي غربت ڏانهن وٺيو وڃي، مگر محنت انسان کي دولتمند بڻايو ڇڏي.


محنت ڪرڻ وارا حاڪم بڻجي سگھن ٿا، مگر سُست ماڻهو غلاميءَ ۾ پيا لوڙين ٿا.


جڏهن اوهان کي ڪنهن حاڪم سان گڏجي ويهي ماني کائڻ جو موقعو ملي، تڏهن اوهين سندس آڏو بهترين نمونو اختيار ڪريو.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


بادشاهہ جڏهن انهن نوجوانن سان گفتگو ڪيو تہ سڀني مان دانيال، حنانياہ، ميساايل ۽ عزرياہ جهڙو کيس ٻيو ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. تنهنڪري اهي بادشاهہ جي درٻار ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ٿيا.


اهي نوجوان اهڙا هجن، جن ۾ ڪوبہ عيب نہ هجي، بلڪ اهي خوبصورت، هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل ۽ حڪمت سمجھندا هجن، يعني انهن ۾ اهڙي لياقت هجي جو کين شاهي محل ۾ خدمت لاءِ مقرر ڪجي. پوءِ تون انهن کي بابل جي رملين جي ٻولي لکڻ پڙهڻ سيکار.“


تنهن تي هن جي مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


تنهن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.


تون مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري صبر سان ماڻهن کي تعليم ڏيندي کين سمجھاءِ، تنبيهہ ڪر ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر،


جڏهن دائود سائول وٽ پهچي سندس خدمتگار بڻيو، تڏهن هو سائول کي ايترو تہ وڻيو جو هن کيس پنهنجو هٿياربردار مقرر ڪيو.


ڪن ماڻهن دائود جون چيل ڳالهيون ٻڌي اُهي سائول بادشاهہ جي اڳيان وڃي بيان ڪيون ۽ هن دائود کي پاڻ وٽ گھرايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ