Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 22:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ڪنهن غريب جي مجبوري ڏسي کيس نہ ڦريو، نڪي ڪنهن مسڪين سان عدالت ۾ ناانصافي ڪري ساڻس ظلم ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ڪنهن غريب کي انهيءَ ڪري نہ ڦر تہ هو غريب آهي. نڪي ڪنهن ڏکويل کي دروازي تي ستاءِ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 22:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون مسڪينن کي سندن خواهشن کان روڪيو تہ ڪين آهي، نڪي رنن‌زالن کي نااميد ئي ڪيو اٿم.


مون ڪنهن يتيم تي ڪڏهن هٿ نہ کنيو آهي، جيتوڻيڪ مون ڄاتو ٿي تہ عدالت ۾ منهنجي هلندي پڄندي آهي.


اوهين ڪنهن غريب ماڻهوءَ جي معاملي ۾ بہ سندس ناجائز طرفداري نہ ڪريو.


اوهين ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪريو.


بدڪارن جو ظلم ئي کين برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڌي رستي تي هلڻ کان انڪار ٿا ڪن.


جيڪو پنهنجي لالچ جي ڪري دولتمند کي تحفا ٿو ڏئي، يا وري پنهنجي فائدي واسطي غريب تي ظلم ٿو ڪري، سو ضرور ڪنگال ٿو ٿئي.


انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رنن‌زالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.


بني اسرائيل جي ماڻهن پاڻ بہ ظلم ۽ ڦرمار مچائي ڇڏي آهي. هائو، اهي غريبن ۽ محتاجن کي ستائين ٿا ۽ انهن سان گڏ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ٿا ڪن.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.


اوهين هڪٻئي سان دوکو نہ ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


اوهين رن‌زال، يتيم ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارئي، يعني جيڪو بہ مسڪين هجي، تنهن تي ظلم نہ ڪريو، نڪي دل ۾ هڪٻئي خلاف برائي سوچو.‘


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


بلڪ هو ڀلي اوهان وٽ، اوهان جي وچ ۾، اوهان جي شهرن مان ڪنهن ۾ بہ، جتي وڻيس اتي رهي. اوهين انهيءَ تي ظلم نہ ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ