19 اهي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند تي توڪل رکو.
19 اُهي اڄوڪي ڏينهن مون توکي ٻڌايا آهن، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿئي.
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين هر وقت انهيءَ تي ئي ڀروسو رکو. اوهين پنهنجي دل جون ڳالهيون خدا آڏو کولي رکو، هو ئي تہ اسان جي پناهہ آهي.
ڏسو، مون اوهان لاءِ نصيحت ۽ ڄاڻ وارا ٽيهہ قول لکيا آهن،
اوهين دل وَ جان سان خداوند تي توڪل رکو ۽ رڳو پنهنجي سمجھہ تي نہ ڀاڙيو.
بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“
تنهنڪري هميشہ خداوند خدا تي ئي توڪل رکو، ڇاڪاڻ تہ هو ئي ابد تائين اسان جو طاقتور محافظ آهي.
پر سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن جي توڪل خداوند تي آهي، ۽ جن جي اميد آسرو خداوند ئي آهي.
مسيح جي ئي وسيلي اوهين خدا تي ايمان رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيئرو ڪري عظمت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ئي هجي.