Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 22:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي. اوهين اهي قول چڱيءَ طرح ياد رکو تہ جيئن ڪنهن کي هڪدم ٻڌائي سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو جي تون انهن کي پنهنجي اندر ۾ سانڍيندين تہ اها چڱي ڳالهہ آهي: ۽ اُهي تنهنجن چپن تي ڄمي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 22:18
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڪيڏيون نہ مٺڙيون آهن، هائو، منهنجي وات جي لاءِ اهي ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺيون آهن.


مون تنهنجي شريعت کي پنهنجي لاءِ ابدي ميراث بڻايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا احڪام منهنجي دل جي خوشي آهن.


تنهنجا ٻڌايل اهي قاعدا آءٌ پنهنجي زبان سان ٻين آڏو بيان ڪندس.


مون کي تنهنجي واعدن جي ڪري اهڙي خوشي ملي ٿي، جهڙي ڪنهن کي جھجھو غنيمت وارو مال ملڻ سان.


منهنجي واتان تنهنجي واکاڻ ٿيندي رهندي، ڇاڪاڻ تہ تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکارين ٿو.


اهي ماڻهن کي سون کان، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پسند آهن. اهي ماکيءَ کان، بلڪ ماناري واري ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺا آهن.


عقلمند جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن، مگر بي‌عقل جون ڳالهيون سندس پٺيءَ تي لڪڻ ٿيون وساين.


سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين مان گھڻا ئي فائدو حاصل ڪن ٿا، مگر بي‌وقوف ماڻهوءَ جون ڳالهيون ئي کيس وقت کان اڳي ماريو ڇڏين.


عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بي‌وقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.


عقلمند انسان سمجھہ وارو سڏجي ٿو، مِٺَ زبانيءَ جي ڪري گھڻن ماڻهن ۾ ڄاڻ ورهائجي ٿي.


اوهين ڏاها ٿي پوندا ۽ اوهان جي سمجھہ اوهان کي خوشيون ڏيندي.


اهي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند تي توڪل رکو.


صحيح وقت تي صحيح ڳالهہ چوڻ ائين آهي، جيئن سون تي سهاڳو هجي.


ڏاهپ زندگيءَ ۾ خوشيون ٿي آڻي ۽ امن وَ سلامتيءَ جي راهہ ٿي ڏيکاري.


اي منهنجا ٻارؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن تي ڌيان ڏيو. هائو، منهنجيون ڳالهيون غور سان ٻڌو.


انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ وسارجو، بلڪ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکجو.


ٻڌو، آءٌ اوهان کي تمام عمديون ڳالهيون ٻڌايان ٿي. آءٌ جيڪي بہ چوان ٿي سو سڀ سچ آهي.


تو جيڪي چيو سو مون ڌيان سان ٻڌو. تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ سرهائيءَ جو باعث هيون، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند، قادرِمطلق خدا! آءٌ تنهنجو ئي آهيان.


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


هائو، جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو، تنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’انهيءَ جي اندر مان زندگي ڏيندڙ پاڻيءَ جون نديون وهنديون رهنديون.‘“


تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ