17 پنهنجو ڪن ڏيئي ڏاهن ماڻهن جا قول ٻڌو. هائو، منهنجي نصيحت کي پنهنجيءَ دل ۾ هنڊايو،
17 پنهنجو ڪن ڏي ۽ ڏاهن جا قول ٻڌ، ۽ منهنجي تعليم ڏانهن پنهنجي دل لڳاءِ.
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي تعليم ٻڌو، اوهين منهنجي ڳالهين تي پنهنجو ڪن ڏيو.
تون اسان کي سيکار تہ اسين پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن ڏاهپ سان گذاريون.
اهي پڙهندڙن کي عقلمندي، ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ سان زندگي گذارڻ سيکارين ٿيون.
نصيحت ڪرڻ واري جي ڳالهين تي ڌيان ڏيو، ۽ سکڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريو.
ڏاهن جا وڌيڪ قول هي بہ آهن. انصاف ڪرڻ وقت ڪنهن جي بہ طرفداري ڪرڻ نہ گھرجي.
اي منهنجا ٻارؤ! اوهين منهنجي نصيحتن ۽ هدايتن کي ياد رکجو، بلڪ انهن تي پوريءَ طرح عمل ڪندا رهجو.
ڏاهپ جون ڳالهيون ريڍار جي انهيءَ لٺ مثل آهن، جنهن سان هو رڍن کي هڪلي ٿو. هائو، اهي گڏ ڪيل نصيحتون سُوئي وانگر چڀندڙ آهن. اهي سڀ نصيحتون انهيءَ جي طرفان عطا ڪيل آهن، جيڪو اسان سڀني جو ڌنار آهي.
تنهن هوندي بہ مون ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ حقيقت جي ڳولا لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. مون پڪو ارادو ڪيو تہ آءٌ ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي اصل مقصد جي ڳولا ڪندس ۽ بيعقلن جي چريائپ ۽ بڇڙائيءَ کي سمجھندس.
مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ آءٌ هن دنيا جي هر ڳالهہ کي پرکي ڏاهپ حاصل ڪريان، ايتري قدر جو ننڊ آرام ڪرڻ کان سواءِ ڏينهن رات سوچيندو رهيس.
هن دنيا ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، سو سڀ ڪجھہ مون ڏٺو آهي ۽ انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچيو اٿم. هن دنيا ۾ هڪڙا ظالم ماڻهو ٻين جي مٿان اهڙيءَ طرح حڪمراني ٿا ڪن جو اهي ٻيا سندن ظلم هيٺ پيا پيڙجن.
اي منهنجي قوم وارؤ! هاڻي منهنجي ويجھو اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو. هائو، ٻڌو تہ جيئن اوهين جيئرا رهو. آءٌ اوهان سان اهو ئي دائمي شفقت وارو عهد ڪندس، جيڪو مون دائود سان ڪيو هو.
اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“