15 هر ٻار شروع ۾ ناسمجھہ هوندو آهي، مگر سيکت ئي ٻار کي سمجھدار بڻايو ڇڏي.
15 بي عقلي ٻار جي دل ۾ ٻڌي پيئي آهي؛ پر سيکت جو لڪڻ انهيءَ کي پري ڪيو ڇڏي.
جهڙيءَ طرح ناپاڪ شيءِ منجھان پاڪ شيءِ نہ ٿي ڪڍي سگھجي، تهڙيءَ طرح ناپاڪ انسان مان ڪا پاڪ شيءِ ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟
ڏس، آءٌ پنهنجيءَ پيدائش کان وٺي بڇڙائيءَ ۾ ورتل هئس، بلڪ آءٌ تڏهن بہ گنهگار هئس جڏهن ماءُ جي پيٽ پيس.
جيڪو پنهنجي ٻار تي لڪڻ نہ ٿو کڻي، سو ڄڻ پنهنجي ٻار کان نفرت ٿو ڪري. مگر جنهن کي پنهنجي ٻار سان محبت آهي، سو انهيءَ کي بروقت سيکت ٿو ڏئي.
پنهنجي ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي سيکت ڏيو، انهيءَ کان اڳ جو وقت گذري وڃي. جيڪڏهن اوهين هنن کي نہ سڌاريندا تہ سندن برباديءَ ۾ اوهان جو هٿ آهي.
چهبڪ جا زخم بڇڙائي ڪڍيو ڇڏين، هائو، مار انسان لاءِ سنوار آهي.
مار ڏيڻ ۽ ڇينڀڻ ٻارن کي ڏاهپ ٿو سيکاري، مگر جيڪي ٻار پنهنجي منهن ڇڏيا ٿا وڃن، سي پنهنجي والدين لاءِ شرمندگيءَ جو سبب ٿا بڻجن.
اي والدين! پنهنجي ٻارن جي صحيح نموني تربيت ڪريو، تہ اهي اوهان کي ڪڏهن بہ پريشان نہ ڪندا. بلڪ انهن جي ڪري اوهان کي دلي سڪون ملندو.
انسان جسماني لحاظ کان پنهنجي ماءُ پيءُ مان پيدا ٿيندو آهي، پر روحاني لحاظ کان پاڪ روح مان پيدا ٿئي ٿو.
اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.