Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 22:1 - Muslim Sindhi Bible

1 نيڪ نامي بي‌انتها خزاني کان، هائو، عزت سون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 چڱو نالو گهڻيءَ دولت کان وڌيڪ پسند ڪرڻ گهرجي، ۽ محبت واري مهرباني چاندي ۽ سون کان وڌيڪ پسند ڪرڻ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 22:1
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ بادشاهہ جا عملدار اسان جي آقا بادشاهہ دائود کي مبارڪ باد ڏيئي چوڻ لڳا تہ ’شل اوهان جو خدا سليمان کي اوهان کان وڌيڪ نالي وارو ڪري ۽ هن جي بادشاهي اوهان جي بادشاهيءَ کان وڌيڪ وڌي ويجھي.‘ تڏهن بادشاهہ پنهنجي پلنگ تي سجدو ڪري


نيڪ ماڻهوءَ جي نالي جو اثر مرڻ کان پوءِ بہ قائم ٿو رهي، مگر بدڪارن جو نالو جلد ميسارجي ٿو وڃي.


جيئن نيڪ نامي قيمتي عطر کان وڌيڪ بهتر آهي، تيئن مرڻ جو ڏينهن ڄمڻ جي ڏينهن کان وڌيڪ بهتر آهي.


تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي تابع ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا عرش عظيم تي اُڪريل آهن.“


۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.


اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انهن عورتن جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين هم‌خدمت ساٿين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا خدا وٽ زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


جيتوڻيڪ انهن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري خدا جو راضپو حاصل ٿيو، تڏهن بہ کين اهو ڪجھہ نہ مليو جنهن جو خدا واعدو ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ