4 بدڪار ماڻهو مغرور ۽ هٺيلا ٿا ٿين. هائو، سندن زندگي گناهن سان ڀريل ٿي ٿئي.
4 مٿانهين نظر ۽ مغرور دل، جا شريرن جي ڏيئي وانگر آهي سا گناهہ آهي.
هرگز نہ، اٽلندو هو شريرن جي حياتيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏيندو، اهي ڏيئي جي انهيءَ لاٽ وانگر ٿيندا، جيڪا وري روشن نہ ٿيندي.
هو اونداهي گھر وانگر ٿيندا، جنهن جي روشني اجھامي ويئي هوندي، هائو، اهڙي گھر جيان، جنهن ۾ ٻرندڙ فانوس اجھايو ويندو.
بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“
جيڪو پٺيءَ پويان ڪنهن ٻئي جون گلائون ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ ماٺ ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ مغرور ماڻهوءَ جي برداشت نہ ڪندس.
اي خداوند! منهنجيءَ دل ۾ ڪا مغروري ڪانهي، نڪي وري آڪڙ ۾ منهنجيون اکيون آسمان تائين اوچيون آهن، عجيب ۽ وڏين ڳالهين ۾ آءٌ ڪوبہ دخل نہ ٿو ڏيان.
سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.
خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.
انهيءَ سبب جو بدڪارن لاءِ آخرت ۾ ڪوبہ اجر ڪونهي، هائو، سندن اميدن جو ڏيئو اجھايو ويندو.
ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پاڻ کي ٻين کان مٿاهون ٿا سمجھن، ۽ ٻيا ماڻهو سندن نظر ۾ خسيس آهن.
ماڻهن جا ڇهہ بلڪ ست اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم آهن جن کان خداوند کي نفرت آهي:
مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، بيگناهن جو رت وهائيندڙ هٿ،
خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.
پر پروردگار فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ صيئون جبل تي، يروشلم شهر ۾ پنهنجا سمورا ڪم پورا ڪري ڇڏيندس، تڏهن آءٌ اشور جي شهنشاهہ کي سندس سڄي مغروريءَ ۽ ٻٽاڪن جي سزا ضرور ڏيندس.“
ماڻهن جو هٺ ڀڳو ويندو. هائو، انسان جي غرور کي ناس ڪيو ويندو، ۽ سڀ جو سڀ بت بلڪل نابود ڪيا ويندا. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، يروشلم جون عورتون ڪيڏيون نہ مغرور آهن! اهي ڪنڌ آڪڙائي شوخ نظرن سان اشارا ڪنديون ٿيون وتن. اهي ناز نخرا ڪندي، ۽ پيرن ۾ پازيب جي جھنڪار ڪندي ٿيون هلن.
اوهان جون اکيون اوهان جي بدن لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن اونداهيءَ ۾ غرق هوندو.
آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اها کائيندو تہ اهو ڏوهاري ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هو اها شيءِ جائز هجڻ جي اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪي ڪجھہ اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناهہ آهي.
اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“