Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 21:31 - Muslim Sindhi Bible

31 لشڪرن کي گھوڙن جي گھڻائيءَ سان ڪاميابي نہ ٿي ملي، مگر فتح انهيءَ کي ملندي جنهن کي خداوند چاهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 گهوڙو جنگ جي ڏينهن لاءِ تيار ڪجي ٿو، پر فتح خداوند جي وس آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 21:31
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سمہ پوک کي بچائڻ لاءِ ان جي وچ ۾ ٿي بيهي رهيو ۽ فلستين کي قتل ڪري ڇڏيائين. خداوند کيس وڏي فتح بخشي.


تون جيڪو بادشاهن کي سوڀ ٿو بخشين، ۽ جنهن پنهنجي بندي دائود کي خوني تلوار کان بچايو آهي،


جنگي گھوڙن جي طاقت کان هو خوش ڪين ٿو ٿئي، نڪي وري جنگي جوڌن کان ئي هو متاثر ٿئي ٿو،


ڪي جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀروسو ڪن ٿا، ۽ ڪي وري گھوڙن تي، اهڙا ماڻهو شڪست کائيندا ۽ هيٺ ڪيرايا ويندا. پر اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جو تو تي ئي ڀروسو آهي، سو اسين فتح حاصل ڪنداسين ۽ قائم رهنداسين.


پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.


اسان جو خدا بچائڻ وارو خدا آهي. هائو، موت کان بچائيندڙ رڳو خداوند خدا ئي آهي.


هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بي‌شمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.


سچ آهي تہ بت‌پرستيءَ واريون ٽڪريون ۽ جبل دوکو آهن. پر بني اسرائيل جو ڇڏائجڻ يقيني طور خداوند اسان جي خدا ۾ ئي آهي.


پر خدا جو شڪر آهي جو هو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي فتح بخشي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ